صدف ڪنول پاران فلمن لاءِ آئٽم سونگ نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تازو شهروز سبزواري سان شاد ڪندڙ ماڊل ۽ اداڪارا صدف ڪنول اعلان ڪيو آهي ته هو آئنده فلمن لاءِ آئٽم سونگ نه ڪندي. نبيل قريشي جي بلاڪ بسٽر فلم نامعلوم افراد 2، ۾ ڪيف و سرور  گاني تي شاندار ۽ يادگار پرفارمنس ڏئي شهرت حاصل ڪندڙ صدف ڪنول هاڻ چوي ٿي ته شادي بعد آئٽم سونگ نه ڪندس. انڊپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ هن تسليم ڪيو ته ڪيف و سرور واري گاني تي سندس پرفارمنس زندگي جي يادگار پرفارمنس آهي.

Screen grab

هن چيو ته ان فلم جي ڪهاڻي اهڙي موڙ تي اچي وئي هئي جو هن گاني کانسواءِ ان ۾ جان نه اچي ها. اداڪار بهروز سبزواري جو پٽ شهزور جيڪو پاڻ به ادا ڪار آهي تنهن جي اڳ ۾ سارا يوسف سان شادي ٿيل هئي ۽ اها شادي گذريل سال شهزور جي صدف سان گهاٽن لاڳاپن سبب طلاق ۾ تبديل ٿي وئي هئي. ان وقت ته شهزور چوندو رهيو ته سندس صدف ڪنول سان لاڳاپا ناهن پر بعد ۾ اڳئين گهرواري کي طلاق ڏئي صدف سان شادي ڪرڻ بعد سندس پهرين گهرواري جا خدشا درست ثابت ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو