صحت جي عالمي اداري پاران صدر ٽرمپ جي تنقيد رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري “ڊبليو ايڇ او” آمريڪي صدر جي تنقيد رد ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا عروج تي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا پاران فنڊ روڪڻ جي ڌمڪي نامناسب آهي. صدر ٽرمپ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته ڊبليو ايڇ او جي سڀ کان وڌيڪ فنڊنگ آمريڪا ڪري ٿو ۽ ان اداري جو جهڪاءُ چين طرف وڌيڪ آهي. هن ڌمڪي ڏني هئي ته آمريڪا عالمي اداري جي فنڊنگ روڪڻ تي نظر ثاني به ڪري سگهي ٿو. جنهن تي ڊبليو ايڇ او  جي سينئر مشير ڊاڪٽر بروس ايلوارڊ چيو ته دنيا ۾ وبا جاري آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ فنڊز روڪڻ نامناسب هوندو. هن چيوته ڪورونا وائرس چين جي شهر ووهان مان ڦهليو ۽ اسين ان جي سبب،  ڦهلاءَ کي روڪڻ جي ڪوششن کي سمجهڻ لاءِ چين جي حڪومت سن گڏجي ڪم ڪيو ۽ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ مليل ڄاڻ جي روشني ۾ اسين اسپين ۾ وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پوري دنيا ۾ ڪم ڪريون پيا. هن چيو ته اسپين ۾ وسيع پيماني تي ڪم ڪرڻ جو چين سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ياد رهي ته 2019 ۾ آمريڪا ڊبليو ايڇ او کي 40 ڪروڙ ڊالر ڏنا هئا جيڪا رقم ٻين ملڪن کان وڌيڪ هئي. چين هن اداري کي 4 ڪروڙ 40 لک ڊالر ڏنا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو