صحافي کي کنڀڻ خلاف مظاهرو، جلد بازيابي جو مطالبو

جوهي (ن سنڌيار )پريس ڪلب سٿ جوهي پاران ڪاڇي جي صحافي نادر مستوئي کي سي آء پوليس دادو پاران کنڀي کڻي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. تي پيربخش ٻٻر, وفا برهماڻي, عالم ٿهيم, نوراحمد لغاري, منصور گاڏهي, حنيف لغاري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي, ان موقعي تي صحافين چيو ته حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ڪاڇي جي صحافي نادر مستوئي کي سي آء پوليس دادو بنا جواز گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوداري جو تقدس پائمال ڪري گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو  ته دادو پوليس ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ بجاء  حق سچ جي آواز کي دٻائڻ لاء بنا جواز صحافين کي گرفتار ڪري ناانصافيون ڪري رهي آهي صحافين آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد ۽ الا اختيارين کي اپيل ڪندي چيو  ته  دادو پوليس خلاف ڪاروائي ڪري بناجواز گرفتار ٿيل صحافي نادر مستوئي کي آزاد ڪري ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو