صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

نوشھروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) ضلعي بار ايسوسيئيشن  جي سڏ تي صحافي علي شير راڄپر جي بيگناھ قتل ۾ ملوث ٽائون چيئرمين شڪيل احمد راڄپر سميت سڀني جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ضلع جي مڙني ڪنڊيارو، ڀريا، محرابپور ۽ مورو جي  عدالتن ۾ ڪارو ڏينهن ملھايو ويو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد عدالتن جو ڪاروھنوار ھلايو.

ان موقعي تي ضلع بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، امتياز ميمڻ، ارباب چانڊيو، شير محمد اڄڻ ۽ ٻين چيو ته صحافي حق سچ جا علمبردار آھن جيڪي معاشري جي ڀلائي لاء قلم استعمال ڪن ٿا ۽ صحافي علي شير راڄپر پڻ قلم جي تقدس کي برقرار رکيو ان کي حق سچ جي رستي تان ھٽائڻ لاء جيڪو درندگي جو مظاھرو ڪيو ويو آھي اھو ناقابل برداشت آھي ھنن چيو ته ايف آء آر ۾ ڄاڻايل سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن پوري ضلع جي وڪيل برادري حق سچ جي  ساٿاري صحافين سان گڏ آھي. ھنن مقتولن جي وارثن کي پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. هوڏانهن قتل جي داخل ايف آر ۾ 6 جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن جن مان هڪ جوابدار حبيب راڄپر پاڻ گرفتاري ڏني آهي ۽ ٽائون ڪاميٽي پدعيدن جو چيئرمين شڪيل راڄپر ۽ ٻيا فرار آهن.

پي پي اڳواڻ شڪيل ۽ ٻين چنچر تي پريس ڪلب پڊعيدن ۾ ويٺل علي شير کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. کيس سيني ۾ پنج گوليون لڳيون هيون. پوسٽ مارٽم بعد آچر تي سندس اباڻي ڳوٺ صالح راڄپر ۾ دفن ڪيو ويو هو. صحافين، وڪيلن ۽ عام شهرين قاتلن جي گرفتاري لاءِ جلالجي چوڪ تي ڌرڻو به هنيو هو. هوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا به ڪيا هئا ۽ اڄ به ڪجهه شهرن ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. ياد رهي ته صحافين جو عالمي تنطيمون پاڪستان کي صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ سمجهن ٿيون. پاڪستان پريس فائونڊيشن موجب گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان ۾ 27 صحافي قتل ٿيا آهن پر ڪنهن هڪ به ڪيس ۾ ڪنهن کي سزا ناهي ملي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو