سکر(بيورو رپورٽ)صحافين ۾ هلندڙ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ سڄاڻ ڌريون سرگرم ٿي ويون، معززن، نياڻين پاران شاهه جو رسالو ۽ گلدستو کڻي ميڙ منٿ قافلو امداد ڦلپوٽو واري ڌر وٽ پهتو، ڀرپور موٽ ڏني وئي، سکر جي ٻن صحافي ڌرين لالا اسد پٺاڻ ۽ امداد ڦلپوٽو جي گروپن ۾ ڪيترن ئي ورهين کان صحافتي مامرن تي هلندڙ اختلافن ۽ رنجشن کي نبيرڻ لاءِ ڪالهه سکر جي سڄاڻ ڌرين پاران ميڙ منٿ قافلو امداد ڦلپوٽو وٽ پهتو، قافلي ۾ سکر ڊولپمينٽ الائنس جو چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ، انسان نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن زبيدا ڪنول بلوچ، مير آدم خان رند، معصوم نياڻي سنڌو جاويد جتوئي، جسقم اڳواڻ غلام مصطفي ڦلپوٽو، سکر سمال ٽريڊرس جا اڳواڻ حاجي شريف ڏاڏا، مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ آغا ظاهر مغل، سول سوسائٽي اڳواڻ اشفاق ڀٽي، سماجي اڳواڻ سيد باسط شاهه، تنظيم پاڪستاني جو اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، زبير قريشي، عبدالقادر شيواڻي، شبير ميمڻ، ظهير ڀٽي، منير ميمڻ، شفيق قريشي، راجا شيخ، تاج رند ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي امداد ڦلپوٽو، ساحل جوڳي، عاشق جتوئي ۽ سندن ساٿين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي ٺاهه لاءِ مڪمل راضپو ڏيکاريو. هنن قافلي کي خاطري ڪرائي ته مڪمل ٺاهه تائين انهن جي پاران ڪنهن به قسم جي اڳرائي نه ڪئي ويندي. قافلي ۾ شامل سڄاڻ ڌرين ڀرپور موٽ تي امداد ڦلپوٽو ۽ سندس ساٿين جو شڪريو ادا ڪيو. هنن چيو ته جلد لالا اسد پٺاڻ ڏانهن پڻ ميڙ وڃي ڌرين کي کيرکنڊ ڪبو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو