صالح مهر مان لکين روپين جي چوري، چورن جي نشاندهي باوجود پوليس ڪجهه نه ڪيو

عادلپور(رپورٽ اسلم آزاد) صالح مھر چوڪ تان شفيق مهر جي دڪان مان ٿيل چوري معاملي ۾ چورن جي نشاندهي ٿيڻ باوجود به پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي آهي. صالح مهر مارڪيٽ جي مالڪ اڪبر مهر ۽ متاثره دڪاندار شفيق مهر سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته نامزد چور علائقي جي با اثر ڀوتارغلام حسين مهر جا نوڪرآهن ۽ هو سندن مالڪي ڪري رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته چورن دڪان ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ هاري ان مٿان تيل ۽ گيهه هاري لکين روپين جو نقصان ڪيوآهي. چور روڪ رقم سميت چاءِ پتي، سگريٽ، صابڻ، ڪانٽو، چار موبائل سيٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، جنهن جي اين سي به ڪٽيل آهي. اڪبر مهر چيو ته بظاهر ائين پيو لڳي ته نرالا شوق رکندڙ وڏيري پنهنجي ڇاڙتن کي بڇ ڏئي نقصان ڪرايو آهي. هن چيو ته چوري بعد کوجي ڪتا گهرايا ويا ۽ ڪتا هڪ لال بخش عرف لالو جي گهر ۾ ويٺا. جنهن پوليس کي ٽن چورن جا نالا ڏنا پر ٽن هفتن تائين پوليس کين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ايس ايڇ او عادلپورٻه ڀيرا جاءِ واردات جو دورو ڪيو ۽ وڏيري غلام حسين مهر سان بند ڪمري ۾ مليو. پوليس مطابق نامزد چور پيش ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي پر ڪنهن جي به هن مهل تائين گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. ڳوٺ صالح مهر جي وڏيرن سان جڏهن شفيق مهر رابطو ڪيو ته هنن نامزد چورن کان پڇاڻي لاءِ مهلت ورتي ۽ وقت وڃائي جواب اهو ڏنو ته چور ساڻن سچي نٿا ڪن. ڪجهه ڏينهن وڏيري منظور ۽ ڪجهه ڏينهن يوسي چيئرمين اعجازاحمد مهلت وٺي معاملي کي ٿڌو ڪيو. صالح مهر چوڪ تان اڳ ۾ به چورين جون وارداتون ٿيون آهن ۽ گل حسن مهر جي دڪان مان چورايل ڪڻڪ جا 20 ٻورٽا چورن کان واپس ڪرائڻ جي خاطري باوجود وڏيري غلام حسين مهرواپس نه ڪرايا ۽ آخر ۾ جواب ڏنو. اڪبر مهر ۽ شفيق مهر ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي ۽ ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو