صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ پيش، اجلاس گهرايو،اپوزيشن

اسلام آباد (اياز مهر) مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ لاءِ 38 سينيٽرن جي صحيحن سان ٺهراءُ سيڪريٽري سينيٽ وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو. ٺهراءُ جمع ڪرائڻ کان اڳ راجا ظفرالحق جي سربراهي ۾ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 34 کان وڌيڪ سينيٽر شريڪ ٿيا، جنهن ۾ حڪمت عملي مرتب ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) رضا رباني کي چيئرمين سينيٽ چونڊرائڻ جي تجويز ڏني آهي پر آصف علي زرداري چوي ٿو ته اڪثريت نون ليگ جي آهي اهي پنهنجواميدوار آڻين. اپوزيشن چيو هو ته متفقه اميدوار جو اعلان 11 جولاءِ تي ڪيو ويندو. 104 ميمبرن تي مشتمل سينيٽ ۾ هر صوبي جا 23 ميمبر آهن، 8 اڳوڻي فاٽا ۽ 4 قومي اسمبلي جا چونڊيل ميمبر آهن. جن مان تحريڪ انصاف جا 14، ايم ڪيو ايم جا 6 ۽ جماعت اسلامي جا 2 ميمبر آهن. گذريل سال صادق سنجراڻي کي پيپلزپارٽي چيئرمين چونڊرايو هو، کيس 57 ووٽ مليا هئا، سندس مخالف راجا ظفرالحق کي 46 ووٽ مليا هئا. ياد رهي ته رولز موجب ايوان جي ڪل ميمبرن جو چوٿون حصو صحيهون ڪري چيئرمين يا ڊپٽي چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪري سگهي ٿو. جنهن خلاف ٺهراءُ ايندو اهو اجلاس جي صدارت نه ڪندو، ھجهي ووٽنگ ذريعي ايوان جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جي ووٽ سان کيس هٽايو ويندو. جماعت اسلامي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي مخخالف آهي. باقي اپوزيشن جا 66 ميمبر آهن جن مان اسحاق ڊار حلف ئي ناهي کنيو ۽ طلحا محمود ملڪ کان ٻاهر آهي. بلوچستان جا ڪجهه ميمبر به امڪان آهي ته ووٽنگ ۾ شريڪ نه ٿين پر ان جي باوجود به اپوزيشن وٽ سنجراڻي کي هٽائڻ لاءِ گهربل اڪثريت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو