لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڄائو برطانوي شهري صادق خان ٻيهر لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو آهي. رپورٽ موجب پاڪستاني ڄائو برطانوي شهري صادق خان هڪ دفعو ٻيهر لنڊن جو ميئر چونڊجي ويو.ليبر پارٽي جي صادق خان ڪنزرويٽو پارٽي جي شان بيلي کي شڪسٽ ڏني. چونڊ نتيجن موجب صادق خان 12 لک 6 هزار 34 وٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته شان بيلي 9 لک 77 هزار 601 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. صحافين سان ڳالهيون ڪندي صادق خان چيو ته لنڊن جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون تي ڀروسو ڪيو ۽ مون کي دنيا جي سڀني کان وڏي شهر جي اڳواڻي جاري رکڻ لاءِ چونڊ ڪيو آهي.هن چيو ته مان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، لنڊن جي سياحت ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي مهم جاري رکنداسين. صادق خان لنڊن جي عوام سان واعدو ڪندي چيو ته مان ڪورونا جهڙي وبائي مرض کان ڇوٽڪارو ڏيڻ جي دوران به لنڊن شهر جي بهتر ۽ روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندس.واضح رهي ته صادق خان 2016 ۾ فتح ماڻڻ کان پوءِ هڪ وڏي مغربي گادي واري شهر جي سربراهي ڪندڙ پهريون مسلمان بڻجيو آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل