شُگر مل انتظاميا پورهيتن سان زيادتيون بند ڪري؛ جسقم

شاهپورجهانيان ( اسد جاني) جسقم پاران نوابشاهه جي حبيب شگر مل انتظاميا طرفان پورهيتن فرمان ملاح ، ارشاد انصاري ۽ ٻين کي برطرف ڪرڻ خلاف سائين جي ايم سيد چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي صحافي چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جتي خطاب ڪندي عبدالفتاح ٻگهيو ، سيف سنڌي ، رستم ڏاهري ، عادل لغاري چيو ته حبيب شگر مل انتظاميا بنا جواز سنڌي پورهيتن کي نوڪري مان برطرف ڪيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي جسقم سدائين مظلوم ماڻهن جي ڌر بڻجي ان کي حق ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ اڳڀري رهي آهي هاڻي به جيستائين بنا جواز حبيب شگر مل انتظاميا نيڪالي ڏنل پورهيتن کي بحال نه ڪندي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.  مظاھرين حبيب شگر مل انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي ۽ مل مالڪن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نااهل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو