شُگر ملون بند هجڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو جو احتجاج

شيخ ڀرڪيو(مظفر علي بروهي) پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران  شگرملون بند ڪرڻ خلاف رياض لغاري، سيد شاهنواز شاھ، هاشم شيدي، امين سولنگي، امين سنڌي، دلدار سولنگي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شگر ملز مافيا آبادگارن جو رت چوسي رهيا آهن   ڪمند جي پوکي تي هزارين روپيا خرچ ڪيو ويندو آهي پر ملز مالڪ آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري سستي اگهه تي ڪمند خريد ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا ملز مالڪن جي دهشتگردي آهي. هنن چيو ته بنا جواز ملون بند ڪيون ويون آهن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته سرڪار شگر ملز مالڪن جي اڳيان بي وس بڻيل آهي ڇاڪاڻ جو اڪثر ملون رئيس وڏي جون آهن هنن چيو ته 48 ڪلاڪن جي اندر فاران شگر ملز سميت ٻيون بند شگر ملون چالون نه ڪيون ويون ۽ ڪمند جو اگهه 250 روپيا مقرر نه ڪيو ويو ته پ پ شهيد ڀٽو جا هزارين ڪارڪن ملز جو گهيراءُ ڪندا

پهنجو تبصرو موڪليو