شوروم جا تالا ٽوڙي چور 5 موٽر سائيڪلون ڪاهي ويا

اوٻاوڙو(غلام علي رند) حسوڊهو مان رات نامعلوم چور ستار شوروم جا تالا ڪپي 5 موٽرسائيڪلون چوري ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي ڀاڳين وٽ پيرو کڻايو ته هڪ موٽرسائيڪل خراب ٿيڻ ڪري چور ماڇڪو پنجاب جي حد ڳوٺ ونگڙ وٽ ڇڏي 4 موٽرسائيڪلون ڪاهي فرار ٿي ويا. بعد۾ کوجي ڪتن ذريعي پيرو کنيو ويو ته پيرو ڳوٺ ڪڙڪ لڳ متو ماڇي ۾ هڪ خالي گهر ۾ وڌا. جتي مقامي ڳوٺاڻن کوجي ڪتن ڪوڙو  قرار ڏيندي واپس ڪري ڇڏيو. شوروم جي مالڪ عبدالستار سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي پاران سيپيڪ جي چپي چپي تي پوليس اهلڪار موجود هجڻ باوجود چورين ۾ ڏينهون ڏينهون اضافو ٿي رهيو آهي ۽ لڳي ٿو ته پوليس چورن سان مليل آهي. هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته چورن خلاف تڪڙي ڪاروائي ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو