شهيد ممتاز ڳورڙ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن؛ ايس يو پي

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي تعلقه مانجهند طرفان ضلع ڄامشورو جي سيڪريٽري شھيد ممتاز علي ڳورڙ جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪارڪنن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ڪوٽڙي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ ايس ٽي پي، جسقم، ن ليگ، پ پ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد عمر ابڙو، عبدالطيف پنهور، امام الدين ڇڇر، انورمڱڻھار، غلام حسين ملاح، فقير منظور ميمڻ، حق نواز مڱڻھار ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ممتاز ڳورڙ جي قتل کي 21 ڏينهن گذري ويا آھن پر ڪوٽڙي پوليس جوابدار  بهادر ڳورڙ، نياز ڳورڙ ۽ سندن سرپرستي ڪندڙ دستگير ڳورڙ کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي جيڪي سرعام گهمي شھيد جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن پر انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته   فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سنڌ سطح تائين وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو