شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جي مک جوابدار کي گرفتار ڪريو

نوشهروفيروز (ڊ ر)شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار نه ڪرڻ، ڦلجي پريس ڪلب جي صدر ۽ سندس ساٿين کان ڦر ٿيڻ ۽ نوشهروفيروز ضلعي جي صحافين جون موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ ۽ ٻين زيادتين خلاف قلم ڌڻين پاران نوشهروفيروز پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي نوشهروفيروز آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. ريلي ۾ شامل صحافي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري مشتاق حسين مري، نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي، ڦلجي پريس ڪلب جي صدر شاهنوار سومري، شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ منير ميمڻ، محمد سومر سولنگي، ظفر چانڊيو، يونين آف جرنلسٽ جي ضلعي صدر زاهد قائمخاني، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي ضلعي صدر ظفر اعواڻ، تعلقه صدر محبوب ڪلهوڙو سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين ايم ظفر تڳر، اديب ۽ ليکڪ گل مورو، نواب اصغر ڪورائي، محمد نديم راجپوت، محمد قاسم اسراڻ ۽ ٻين چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ ۽ قاتلن کي تحفظ هجڻ جو يقين ٿي ويو آهي ضلعي اندر صحافي عدم تحفظ جو شڪار هجڻ ڪري انهن کي سچ لکڻ ۽ سچائي ظاهر ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي جنهن ڪري عزيز ميمڻ جا مک قاتل اڄ تائين لڀي نه سگهيا آهن جڏهن ته ضلعي اندر سچ لکندڙ صحافي روڊ رستن ۽ گهرن ۾ محفوظ نه آهن انهن کي سفر دوران پڻ خطرا آهن جنهن جو مثال تازو ڦلجي اسٽيشن جا صحافي رستي ويندي ڦرجي ويا آهن ۽ ٿاڻي کان چند قدمن تي صحافين جو ڦرجڻ ۽ انهن کي سامان جي واپسي جو ايس ايس پي، ڊي ايس پي مورو ۽ ايس ايڇ او ڪورائي پاران دلاسا ڏيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪرڻ نه ئي سامان جي واپسي ٿيڻ اهو چٽو دليل آهي ته پوليس ضلعي اندر صحافين سان مسئلن جي مهم شروع ڪئي آهي ته جيئن پوليس سچ لکڻ بجاءِ صحافين کي خاموش ڪري سندن مسئلن ۾ الجهايو ۽ اڙايو وڃي. ان موقعي تي قلم ڌڻين ضلعي انتظاميا کي چتاءَ ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن اندر ضلعي ڦريل 35 صحافين، ڦلجي پريس ڪلب جي صحافين جي سامان جي واپسي ڪري عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته قلم ڌڻين پاران ڊي آءِ جي آفيس شهيد بينظيرآباد آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي ۾ هالاڻي، محرابپور، ڀرياسٽي، ڦل سٽي، درياخان مري، ٺاروشاهه، مورو، ڦلجي اسٽيشن، دادو، خيرپور، نوابشاهه، دولت پور، نواب ولي محمد، پڊعيدن، مٺياڻي پريس ڪلبن جي صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو