رينجر اهلڪار جي سرڪاري اعزاز سان تدفين

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ دائم ويسر جو رهواسي پنجاب رينجرز جو نوجوان 22 سالا نثار احمد پٽ محمد علي ويسر پنجاب جي علائقي منڊي بهاوالدين ۾ شھيد ٿي ويو جنهن جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي معززين شهرين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ رينجرز جي فوجي اعزاز سان نور شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ سندس قبر تي پاڪستان جو پرچم هنيو ويو ان موقعي تي شھيد نوجوان جي والد محمد علي ويسر چيو ته مونکي پُٽُ جي شھادت تي فخر آهي. هو ڊيوٽي دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو