شهيدن جي مزارن جا رکوالا برطرف، متاثرن جو احتجاج

نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو) رتوديرو ۽ نئون ديرو ميونسپل انتظاميا ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي ڊيوٽي ڪندڙ 32 ڪچن ملازمن جون پگهارون بند ڪري کين نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي. برطرفين خلاف متاثر ملازم هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن تي نعري بازي ڪندي پريس ڪلب پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. عبدالحفيظ لغاري، عدنان ابڙو، روشن علي، محمد مراد، حبدار علي، منان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي مجبورن اڄ پنهنجي ئي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪرڻو پئجي رهيو  آهي. ته شهيد بيبي جي مزار کي سياسي قبلو ڪوٺيندڙن شهيد بيبي جي مزار تي ڊيوٽي ڏيندڙن ڪچن ملازمن کان روزگار کسي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي عوام کي روزگار  ڏنا، پر هن حڪومت اسان کي بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان گذريل 13 ورهين کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار توڙي پارڪن جي صفائي سٿرائي، مالهي ۽ چوڪيدار طور ڊيوٽي ڪري رهيا هئاسين. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شهيدن جي آخري آرامگاهه جا واسطا ڏيندي اپيل ڪئي ته اسان کي نوڪرين تي بحال ڪري پڪا آرڊر ڏنا وڃن ۽ بند ڪيل پگهارون ٻيهر بحال ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو