ترين گروپ جي اهم ميمبر تي ڪيس داخل

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر جي درخواست تي جهانگير ترين گروپ جي اهم ميمبر نذير چوهاڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شهزاد اڪبر پاران 20 مئي تي لاهور جي ريس ڪورس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن اهو الزام لڳايو هو ته جهانگير ترين گروپ جي ايم پي اي نذير چوهاڻ هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ هن تي غلط الزام لڳايا هئا ، انهن الزامن سان سندس حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. نذير چوهاڻ جي ڳالهين جو مطلب آهي ڪرپشن خلاف ڪارروائي جي حوصلا شڪني. درخواست ۾ نذير چوهاڻ جي خلاف ڪيس داخل ڪري سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. ٻئي پاسي نذير چوهاڻ جو چوڻ هو ته هو پنهنجي خلاف ايف آءِ آر تي گرفتاري پيش ڪندو ۽ اڳواٽ ضمانت نه ڪرائيندو، سندس چوڻ هو ته ”مان اڳ ئي چوندو هوس ته شهزاد اڪبر پارٽي معاملا خراب ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو