شهر ۾ گندگي جا ڍير، ٽائون انتظاميه لاپرواهه

ڏهرڪي (اسد غفور ڀٽو )شهر جي القطب ٽائون ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊ تي بيهجي ويو جنهن سبب روڊ تلا جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي گندو پاڻي بيهڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏي رهيا آهن. هوڏانهن ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي نااهلي خلاف احتجاج ڪندي رهواسين  چيو ته ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي وارا اگهور ننڊ ۾ ستل آهن پر هو شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪوبه موثر قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهن. آخر ۾ هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري روڊ تي بيٺل گندو پاڻي ڪڍرايو وڃي ۽ ڊرينيج جي سسٽم کي  درست ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو