شهرن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، سيپڪو جا 76 فيڊر ٽرپ

سکر(بيورو رپورٽ) موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي باوجود انتظاميا پاران جوڳا اپاءُ نه وٺڻ سبب شهر جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. شهر ۾ برسات کانپوءِ پراڻو سکر، نئون پنڊ، مائيڪرو ڪالوني، ڀوسا لائين، مينارا روڊ، گوليمار، گھنٽا گھر، غريب آباد، اسٽيشن روڊ، حسيني روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي. جڏهن ته برساتون شروع ٿيندي ئي سکر، گھوٽڪي، خيرپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، دادو سميت مختلف علائقن ۾ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جا 76 کان وڌيڪ بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن جنهن سبب ڄاڻايل علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. جڏهن ته شهر ۾ پاڻي جمع ٿيڻ باوجود ميونسپل توڙي پبلڪ هيلٿ کاتي پاران ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا، ان ڏس ۾ شهري اتحاد سکر جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته پبلڪ هليٿ کاتي سکر پاران شهر جي ڊرينيج اسٽيشنن تي لڳل موٽرن جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب خراب حال پيل آهن. جنهن سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ بيٺل برسات جي پاڻي کي نيڪال لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو