شهباز فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي،فردوس

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف نوازشريف کي واپس آڻڻ جي بجاءِ پاڻ ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شهباز شريف ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهيو ٿي. نوازشريف چيو ته 4 هفتن ۾ علاج ڪرائي واپس ايندس ۽ شهباز شريف به نوازشريف جي گارنٽي ڏني هئي.هن چيو ته نوازشريف کي واپس آڻڻ جي بجاءِ شهباز شريف پاڻ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف تي ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جا الزام آهن.  پهريان هو انهن کي منهن ڏئي. ان جون  ملڪيتون ۽ اولاد ٻاهر آهي ۽ هي هاڻ عيد به ٻاهر ملهائڻ چاهي ٿو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته علاج جي بهاني هي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پنهنجون ملڪيتون بچائڻ جي لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن.هن چيو ته شهباز شريف عيد پاڪستان ۾ ڪري ان کي ٻاهر وڃڻ جي ڇاجي جلدي آهي. نظام ۾ موجود ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجو واعدو پورو ڪيو. هن چيو ته عوام ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ۽ ڪورونا لاڪ ڊائون لڳائڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي.ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.  عوام ماسڪ جو استعمال ڪري ۽ سماجي وٿي جو خيال رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو