شهباز خلاف نيب ڪيس ڪوڙا هئا،مريم

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب حڪومت جي حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي نئين سر سان تفتيش ڪرڻ جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته حديبيه ۾ نئين تفتيش جي آغاز جو حڪم ڏئي عمران خان تسليم ڪري ورتو آهي ته شهباز شريف جي خلاف سڀئي نيب ڪيس ڪوڙا هئا.هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته آشيانه، صاف پاڻي، گندو نالو، ملتان ۽ لاهور ميٽروز، آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا سڀئي ڪيس رڳو سياسي انتقام هئا.ليگي ترجمان جو چوڻ هو ته ”غيرقانوني ٽيم“ ڇو نه پئي ٻڌائي ته حديبيه ريفرنس کي سپريم ڪورٽ قانوني طور ختم ڪري چڪي آهي، ڪرائي جا ترجمان ڇو نه ٿا ٻڌائين ته هاءِ ڪورٽ جي ڪواشمنٽ جي حڪم تي نيب سپريم ڪورٽ وئي پر سپريم ڪورٽ به اهو ئي فيصلو برقرار رکيو.ياد رهي ته حڪومت حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي نئين سر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو