شهباز جي ڌيءَ ۽ ناٺي جا اثاثا ضبط ڪرڻ جي ڪاروائي

لاھور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جوابدارن جي لاڳيتي غيرحاضري تي سندن اثاثا ضبط ڪرڻ واري حڪم تي عمل ڪندي نيب لاهور ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) اپوزيشن ليڊر شھباز شريف جي ڌي ۽ ناٺي جا اثاثا تحويل ۾ وٺڻ جي لاءِ مختلف ادارن کي خط لکيا آهن. نيب طرفان ايڪسائيز، ڪوآپريٽو، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي سميت ٻين ادارن کي خط موڪلياآھن جنھن ۾ علي عمران يوسف۽ رابعا عمران جي نالن تي موجود ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو