شرپسندن مڇي جي تلاءَ ۾ زهر اڇلائي ڇڏي، پورهيت جي اپيل

ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ)ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھنور اڄڻ ۾ ڳوٺاڻي اڪبر عرف خان محمد اڄڻ جي مڇي جي تلاءَ ۾ نامعلوم شرپسندن  زھريلي دوا هاري ڇڏي جنهن سبب سوين مڇيون مري ويون. پورھيت غلام اڪبر اڄڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مونسان وڏو ظلم ٿيو آھي مان غريب مسڪين آھيان منھنجي ڪنھن سان به دشمني ناھي پر شرپسندن وڏو ظلم ڪيو آھي مان قرض تي مڇي جو ٻڄ وٺي تلاءَ ۾ وڌو هو تلاءَ ۾ موجود مڪمل مڇي مري وئي آھي مان لکن جو قرضي ٿي ويو آھيان هن ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل کان مطالبو ڪيو ته مون مسڪين سان انصاف ڪري شرپسندن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو