شاهه لطيف جي شاعري بارش ۽ سچل جي باهه آهي، مقرر

نواب شاه (اي ڪي ڏاھري) بيشڪ لطيف سرڪار جو پورو ڪلام تصوف، عشق ۽ محبت جي رمزن سان ڀريل آهي، سندس فڪر ۽ پيغام عشق جي عجيب ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي ، سندس هڪ هڪ بيت سنيهو آهي ۽ هڪ هڪ بيت رهنمائي ڪري ٿو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي انڪري سندس فڪر کي پڙهيو وڃي، سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪري، سنڌ جو مان مٿاهون ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي سان سچل سرمست جي شاعري، معنى، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن هر ڳالهه کلي طرح چئي ڇڏي آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي .بقول ڪنهن شخص جي ته ” جيڪڏهن شاه ڀٽائي جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل سرمست جي شاعري جهنگ کي باهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي اسٽنٽ پروفيسر سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر مخمور بخاري شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد فيڪلٽي آف سوشل سائينسز جي سنڌي شعبي طرفان سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي جي عنوان سان ملهايل هفتي جي تسلسل ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين استادن سان مخاطب ٿيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بنجي ويو. اهڙي ئي طريقي سان شاهه سائين به مهان محبتي هو هن سنڌ سان عشق ڪندي سندس خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دعائون گهريون ۽ ان سان گڏ ڪل ڪائنات لاءِ دُعا خير گهري ان جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪو نه ٿو ملي، شاهه سائين اٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست تون دلدارعالم سڀ آباد ڪرين. ان موقعي تي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مهراڻوي چيو ته سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه ” وحدت الوجود“ جو زبردست قائل هو، کيس خبر هئي ته ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي ۽ حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي. سنڌ ۾ جيڪي به تصوف ۽ ويدانت جا سِلسلا آهن انهن کي سِنڌي سماج ۾ وڌيڪ قدر جي نِگاهه سان ڏٺو ويو ۽ ماڻهن جي اڪثريت انهن جي پيروڪار رهي آهي، ساڳئي وقت انهن صُوفي بزرگن جي همه گير ۽ فيض رَسان شخصيت، مُعجزه نِما شاعريءَ ماڻهن جي مَن کي موهي ،سندن مطيع ۽ معقد بنائي رکيو، شاه لطيف جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پڻ اُهي خُوبيون نِمايان آهن.جنهن سان کيس زمان وَ مڪان جي سرحدن کان بلند هڪ آفاقي شاعر ثابت ڪيو. ڪبير ڀڳت کان وٺي سچل سرمست، گُرونانڪ کان ميئين شاهه عنايت رضوي، سامي، شاهه ڪريم، ميران ٻائي، رُوحل فقير،صوفي رکيل سائين، بيدل، تلسي داس ۽ ٻيا سڀئي هڪ ئي مالها جا موتي آهن. توڻي جو سندن عمر ۾ ننڍوڏائي جو فرق آهي، پر فڪري طور سُنگ جا ساٿي لڳن ٿا.انهن صوفي ۽ ويدانتي شاعِرن هڪ ٻئي جي ڪلام جو اثر به قبوليو آهي ته انهن شاعرن جي گهڻائي لطيف سائين سچل سائين جي ڪلام کان متاثر ٿي ڀانئجي. سنڌ جي نامياري شاعر اي بي لاشاري چيو ته سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آه، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا طر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي. شهيد بينطير ڀٽو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ۽ سيمينار جي ميزبان ڊاڪٽر امير علي شاه  چيو ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي. سچل سرمست ۽ شاه ڀٽائي جي اسان جي ڌرتي ماءُ تي خاص نظر ڪرم آهي. شاه لطيف ۽ سچل سرمست به انهيءَ راهه جا راهي آهي. جنهن تي شاهه عنايت  ۽ شاهه ڪريم  هلي چڪا آهن. پر ڪجھ  ڳالهين ۾ لطيف سائين ۽  سچل سائين انهن سڀني کان مختلف آهي. انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن،جڏهن ته سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن. شاهه لطيف پيشنگوئي ڪئي هئي ته جيڪا ڪُني اسا چاڙهي آهي ان جو ڍڪڻ هي لاهيندو، پر جڏهن ڍڪڻ لاهڻ جو وقت آيو ته سچل سرمست ڍڪڻ ته ڇا پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي. تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو سندس ڪافر هجڻ جون فتوائون به جاري ڪيون ويون. ان موقعي ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائينسز پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف، ڊين فيڪلٽي آف سائينس اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، مختلف شعبن جا هيڊ آف ڊپارٽمينٽس، استادن ۽ شاگردن وڏي تعدادا م موجود هئا. 

پهنجو تبصرو موڪليو