شاهه رخ سلمان جي سفارش تي آريان جو وڪيل مٽائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ڪنگ ۽ دبنگ خان جي دوستي ۽ ويجهڙائپ گهڻي مشهور آهي، ٻنهي اداڪاران جي دوستي کي مداح به گهڻو پسند ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن ۾ ويڇا وڌڻ جون خبرون اينديون آهن ته مداحن جي دل ڏکي پوندي آهي،  منشيات ڪيس ۾ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي گرفتاري کانپوءِ سلمان خان باليووڊ ڪنگ جي گهر پهتو هو جنهن کانپوءِ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ جو بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي فيملي ڪنهن به تڪليف ۾ هوندي ته سلمان خان اسان سان هر وقت گڏ هوندو آهي. ان حوالي سان ميڊيا رپورٽون آيون آهن ته سلمان خان، شاهه رخ خان کي آريان جو وڪيل مٽائڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن تي شاهه رخ عمل ڪندي وڪيل مٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو ڪيس ممبئي جو سينيئر وڪيل اميت ديسائي وڙهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو