شاهه رخ خان جي ڌيءَ بالي ووڊ ۾ ڊيبيو لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) شاهه رخ خان جي ڌيءَ سُهانا خان بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪرڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. فلمساز زويا اختر ٻڌايو آهي ته هوءَ پنهنجي فلم ۾ کيس ڪاسٽ ڪندي، سندس فلم مزاحيه ڪتاب آرچي جو هندوستاني ورشن هوندو. سندس فلم جو نالو ۽ ٻئي ڪاسٽ جو اڃا فيصلو ناهي ٿيو. هي فلم ڊجيٽل نيٽ ورڪ نيٽ فليڪس تي جاري ڪئي ويندي.سهانا خان بالي ووڊ ۾ ڊيبيو لاءِ بيتاب آهي جڏهن ته سندس ڀاءُ آريان خان هدايتڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو