شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل جو ٽاپ بالر بڻجي ويو

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پي ايس ايل ۾ ملتان جي نمائندگي ڪندڙ واحد سنڌي ڳالهائيندڙ ڪرڪٽر شاهنواز ڏاهاڻي گذريل ڏينهن لاهور خلاف ميچ ۾ 4 اوورز ۾ پنج رنز ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪري 18 وڪيٽن سان ٽاپ بالر بڻجي ويو آهي. ٻئي نمبر تي شاهين آفريدي آهي جنهن 16 وڪيٽون ورتيون آهن. هو ٽي ٽوئنٽي ۾ وڪيٽن جي نصف سينچري مڪمل ڪندڙ ڇهون بالر بڻجي ويو آهي. اڄ پي ايس ايل ۾ ڪراچي ۽ ڪوئٽا جو ميچ اهم آهي، جيڪڏهن ڪراچي کٽي وئي ته لاهور ٽاپ فور مان آئوٽ ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ٽاپ فور مان اڳ ۾ ئي آئوٽ ٿيل ڪوئٽا کٽي وئي ته لاهور ٽاپ فور م اچي ويندي. ٻئي ميچ ملتان ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو