شاخن ۾ 7 مهينن کان پاڻي ناهي، آبادگارن جو ڌرڻو

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند)بلڙي شاهه ڪريم ۾ پاڻي کوٽ خلاف سڪل فصل کڻي احتجاجي ڌرڻو سخت نعري بازي بلڙي شاه ڪريم ٽنڊو محمد خان روڊ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا , منتخب نمائندن ۽ آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعري بازي , گاجا واه سب ڊويزن جي شورڪي کراڙي بلڙي ۽ ڍٽ شاخن ۾ گذريل ستن مهينن کان پاڻي نه ملڻ خلاف پوڇڙ  جي سوين آبادگارن سڪل فصل کڻي سماجي اڳواڻ ۽ رند قومي اتحاد سنڌ جي اڳواڻ زاهد خان رند حاجي اسماعيل ميمڻ؛ ايس ٽي پي اڳواڻ سليم ميمڻ؛ قاسم ڪپري؛ اڪبر وڙائچ؛ جي اڳواڻي ۾ شهيد بلو پنهور چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو روڊ تي ويهي روڊ بلاڪ ڇڏيو ,ان موقعي تي اڳواڻن زاهد خان رند سليم ميمڻ دائود جت حاجي اسماعيل ميمڻ اڪبر وڙائچ ۽ ٻين اڳواڻن مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته پوري ضلعي جي بجيٽ کائڻ باوجود هي اسان جا اڳواڻ اسان کي پاڻي جي ڦڙي ڏيڻ لاء تيار نه آهن اسان وياجن تي قرض کڻي فصل پوکيا جيڪي پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي سڙي ويا اسان جا ٻڇا بکون پيا ڪاٽين زمينون بنجر بڻجي ويون فصل سڪي سڙي تباه ٿي ويا پر ڪو به ڪامورو توڙي منتخب نمائيندو اسان مسڪينن جي فرياد ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي.

Photo Sindhyar

جن غريبن جي ووٽن تي هو اعلي ايوانن ۾ رسيا آهن ان بعد بعد هو عياشيون پيا ڪن ۽ عوام پني پئي , هنن چيو ته جيستائين پاڻي نه ملندو ڀلي شام ٿي وڃي پر ڌرڻو ختم نه ٿيندو  , اسان کي انصاف کپي ڀلي ڪيس داخل ڪريو يا گرفتار ڪريو پر اسان جو احتجاج جاري رهندو ٻي طرف پاڻي پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران لڳل ڌرڻي جو پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر نوٽيس ورتو ۽ ايس ڊي او ايريگيشن صالح محمد جهيجو ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري هڪ هفتي اندر پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرائي ڏيڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو هوڏانهن مظاهرين جو چوڻ آهي ته اگر هفتي اندر پاڻي وارو مسئلو حل نه ٿيو ته ايندڙ هفتي ڊي سي ٽنڊو محمد خان جي آفيس اڳيان دوباره ڌرڻو هنيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو