شاخن ۾ پاڻي ڏيو، جوهي جي آبادگارن جو احتجاج جاري

جوهي(رپورٽ منصور گاڏھي)مختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي نه پهتو پاڻي کوٽ سبب چيٽ جو فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر آبادگار ذھني پريشانين جو شڪار, آبادگارن, سياسي سماجي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف  غلام قادر لغاري, ڪامريڊ يونس سولنگي, ميرمحمد لغاري, خيل عارف سومرو, ايوب لغاري, سڪندر جمالي, ڪامريڊ جمن سنڌي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هڻندي صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته آبپاشي کاتي دادو جوهي جا راشي عملدار جوهي برانچ جي مختلف شاخن جي حصي جو زرعي پاڻي منڍ جي  بااثر زميندارن کي وڪرو ڪري رهيا آھن جنهن سبب منڍ جا بااثر زميندار جوهي برانچ تي غيرقانوني لفٽ مشينون هڻي سرعام پاڻي چوري ڪري رهيا آھن جنن خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪابه قانوني ڪاروائي نه ٿي سگهي آھي, هنن چيو ته زرعي پاڻي کوٽ سبب جوهي برانچ جي مختلف شاخن جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آھن ڪتي جو فصل به پاڻي کوٽ سبب نه ڪري سگهياسين هاڻي چيٽ جي فصل جي پوکائي جو وقت هلي رهيو آھي پر زرعي پاڻي کوٽ سبب فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, وزيراعظم پاڪستان سميت اعلي اختيارن ۽ وس وارن کي مطالبو ڪندي چيو ته جوهي برانچ جي مختلف شاخن مان زرعي پاڻي کوٽ ختم ڪري آبپاشي کاتي دادو جوهي جي راشي عملدارن خلاف نوٽيس وٺي سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو