سڱاوتي جهيڙي ۾ 2 ۽ زمين جي جهيڙي تان 3 زخمي

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ڪلما چوڪ تي سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻھ ڄڻا بابر چنو، ۽ شعبان مزاري زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اهڙي واقعي جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.*** سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيسو ملڪ ۾ زميني تڪرار تان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات نور خاتون،گل حسن ۽ عزيز ملڪ شامل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مامن ۽ ڀاڻيجن جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آهي. واقعي بعد سرحد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو