سڱاوتي تڪرار گهر تي حملو2 عورتون فوت هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ميونسپل ڪميٽي ڀرسان رھندڙملڪ برادري جي گھر۾ ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربند داخل ٿي فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ 70 سالا مسمات ساماڻي ملڪ موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ مسمات فرزانه ۽ نوجوان عمران ملڪ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا۔ گولين جوآواز ٻڌڻ تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پوليس پھچڻ بعد لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو۔جڏھن ته زخمين ۾ مسمات فرزانه ملڪ کي ڳڻتي جوڳي حاالت ۾ فوري طورلاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو پر رستي ۾ فرزانا فوت ٿي وئي. ٿيل حملي بابت معلوم ٿيو آھي ته ملڪ برادري وچ ۾ ڪافي وقت کان سڱا وتي تڪرار ھلندڙ ھيو جنھنجي نتيجي ۾ خوني حملوڪيو ويو۔ٻئي پاسي جوابدارن جي گرفتاري لا۽ پوليس پاران گھرن تي ڇاپا ھنيا پر جوابدار گھرخالي ڪري فرارٿي ويا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو