سگهڙ ۽ شاعر “ٻڪرار” جي ادب دوستن کي مدد جي اپيل

خانواهڻ(عاجز امتياز نوح پوٽو) لطيف جو پارکو سينئر سگهڙ ۽ شاعر ڏنل فقير نوح پوٽو”ٻڪرار“ گذريل تقريبن پندرهن سالن کان دل جي تڪليف، شگر ۽ ٻين بيمارين سبب بستري ڀيڙو، ڪنهن بہ سرڪاري يا غير سرڪاري اداري سندس سار نہ لڌي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏنل فقير چيو تہ گذريل پنجاھ سالن کان سنڌي ٻولي،قوم ۽ ثقافت جي ادبي خدمت ڪئي آهي 70 ۽ 80 واري ڏھاڪن جي دؤر ۾ منهنجا تقريبن 25 کن ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب بہ ڇپيل آهن ۽ تقريبن ڏھن ڪتابڙن جو اڻ ڇپيل مواد پيل آهي ۽ هن وقت ايتري طاقت ناهي جو مان ڪتاب ڇپائي سگهان يا پنهنجو علاج ڪرائي سگهان. هن وڌيڪ چيو تہ منهنجي شاعري ڊاڪٽر بلوچ جي هفتيوار ڪچهري لوڪ ادب ۾ بہ ڇپيل آهي مان ريڊيو پاڪستان حيدر آباد ۽ خيرپور تي سيد صالح محمد شاهه (فتح خان) ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين جي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪيندو هئس ۽ کوڙ سارا ايوارڊ بہ مليا. ائين کڻي چئجي تہ سموري زندگي ادب کي ارپي آهي ۽ ھن وقت تقريبن 80 سال عمر ٿي وئي آهي ۽ گذريل تقريبن پندرهن سالن کان بيمار آهيان. مون کي افسوس آهي جو منهنجي اڄ تائين ڪنهن بہ سرڪاري يا غير سرڪاري اداري ڪا سار ناهي لڌي مان ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن، حڪومت سنڌ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کي اپيل ٿو ڪريان تہ منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ منهنجي تخليقن کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي منهنجو پورهيو سجايو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو