سگا پاران مفت اکين جي ڪيمپ، سوين مريضن جوعلاج

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) سماجي تنظيم سگا پاران سول اسپتال گهوٽڪي ۾ 3 ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ لڳرائي وئي. جنهن ۾ سوين مريضن کي دوائون ۽ ڪيترن ئي مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ويا. سگا پاران لڳرايل مفت اکين جي ڪيمپ ۾ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن خانپور مهر , سرحد , ميرپورماٿيلو , جروار , مومل جي ماڙي , ڏهرڪي , اوٻاوڙو سميت ٻين علائقن جي هڪ هزار کان مٿي مريضن فائدو ورتو , ڪيمپ ۾ اکين جي مشهور ڊاڪٽرن فياض احمد , ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ٻين مريضن جو چيڪ اپ ڪري آپريشن پڻ ڪيا , جڏهن ته ان موقعي ته سگا اڳواڻ آغا بلاول پٺاڻ , عبدالرئوف دايو , ڊي ايڇ او گهوٽڪي علي اشرف ڪلوڙ , ايم ايس گهوٽڪي ارباب ملڪ , ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سگا هميشه غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪري ٿي , هنن چيو ته پوري سنڌ جيان سگا گهوٽڪي ۾ به  مفت ڪيمپون لڳرائي عوام جي خدمت ڪري پئي ۽ غريب مريضن کي گهر ويٺي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو