سکر مان گم ٿيل 6 ٻارن جا درياءَ وٽان ڪپڙا ۽ چپل برآمد

سکر (امداد علي ڪلوڙ) سکر مان گم ٿي ويل ٻارن سي سي ٽي وي فوٽيجز موجب سنڌو دراءَ ڏانهن ويندي نظر آيا، سند ڪپڙا ۽ چپل به درياءَ جي ڪپ تان مليا آهن جن جي والدين تصديق ڪئي آهي. جنهن بعد شڪ آهي ته ٻارڙا وهنجدي ٻڏي ويا آهن. ڇنڇر تي ڪوئينس روڊ واري علائقي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 6 ٻارڙا مبينا طور  گم ٿي ويا آھن. گم ٿيل  ٻارڙن جي عمر 11 کان 16 سال آھي ٻاڙا گھران ڪرڪيٽ کيڏڻ لاء نڪري ويا رات دير تائين واپس گھر نه پھتا.  سڄي رات مبينا گم ٿيل ٻارڙن کي وارث  مٽن مائٽن جي گھرن ۾ ڳولھيندا رھيا پر ٻارڙا وارثن کي نه  ملي سگھيا. صبح جو سي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، جن ۾ ٽي سڳا ڀائر به شامل آھن. گم ٿيل ٻارڙن ۾ احسان ـ حماد ـ عاصم ـ محمد قاسم ـ محمد انس ـاحتشام شامل آھن  ٻارڙا ھڪ ئي فليٽ الاحمد پلازا  جا رھائشي آھن. گم ٿيڻ واري خبر پوڻ تي سکر جي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي شھر اندر ناڪا بندي ڪري تلاش ورتي پئي وڃي. ھوڏانھن گم ٿيل ٻارڙن جي وارثن وٽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ به پھچي ويو آھي جنھن سکر پوليس کي گم ٿيل ٻارڙن جي تلاش لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آھي اڃان تائين ٻارڙن جو پتو پئجي نه سگھيو آهي. گم ٿيل ٻارڙن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي امڙين کي بي ھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن 6 ٻارڙن جي مبينا گم ٿيڻ سبب شھر ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو