سکر مان ڪورونا جا ڪليئر قرار ڏنل 640 ماڻهو گهر روانا

سکر( جيرام داس ) سنڌ حڪومت سکر قرنطينه سينٽر ۾ داخل ٿيل 640 زائرين کي بسن جي ذريعي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. گهر ويندڙ زائرين جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون. اختيارين جو چوڻ آهي ته جن زائرين کي گهر روانو ڪيو ويو آهي، انهن جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. ميڊيڪل ٽيم به انهن کي نارمل قرار ڏنو . اختيارين موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري بعد زائرين کي گهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. زائرين جو تعلق سنڌ جي مختلف ضلعن کانسواءِ راولپنڊي ۽ گلگت سان آهي. جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل اهن.

گهرن ڏانهن روانو ڪيل مختلف ضلعن جا ماڻهو، 14 ٻين جي ڌار لسٽ ڏني وئي آهي

اختيارين موجب زائرين کي ڪرونا وائرس جو شڪ هجڻ ڪري تفتان بارڊر کان سکر ۾ رکيو ويو ، جتي کين هر قسم جي سهولت ڏني وئي . اختيارين لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پي ايز کي زائرين سان ملاقاتون ڪري روزانو رپورٽ وٺڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته قرنطينه سکر ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 266 مريضن جو علاج جاري آهي. ياد رهي ته هنن ماڻهن کي اڱاري تي ڪليئر ڪيو ويو هو پر ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ صحت کاتي جي آفيسرن جي ڇڪتاڻ سبب موڪل نه ملي هئي. ڊي سي چوي پيو ته هيلٿ ڊپارٽمينٽ لکت ۾ موڪل ڏيڻ جو ليٽر ڏئي جيڪو هو نه ڏ؟ي رهيا هئا. جنهن بعد وڏي وزير مداخلت ڪري معاملو حل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو