سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو ڦر، پوليس لاتعلق

مدئجي(ن س) سکر لاڙڪاڻو روڊ تي باءِ پاس وٽان نامعلوم ھٿياربندن پاران ڏينھن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي موٽرسائينڪل سوار عبدالغني ڪيھر کي روڪي سخت تشدد ڪرڻ کان پوء موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع ڏيڻ باوجود مدئجي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، رابطو ڪرڻ تي مدئجي ٿاڻي جي وڏي منشي عبدالستار ميمڻ ٻڌايو ته موٽرسائيڪل بلڪل ڦر ٿي آھي، اطلاع مليو آھي، ايس ايڇ او صاحب ٻاهر نڪتل آھي، جلد موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو