سڄي ملڪ ۾ چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان)سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليھو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي مجلسون ۽ ماتمي جلوس جاري، عزاداري ۽ نوحه خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ۾ چهلم جي موقعي تي ٻيلهه سواري تي پابندي، ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس جا رستا ڪنٽينرز رکي سيل، وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر، صدر جون سموريون مک بازارون بند آهن، ڪجهه علائقن ۾ موبائيل فون سروس به معطل آهي. لاڙڪاڻو ۾ به ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار اهلڪار مقرر، سکر جي مختلف علائقن مان نڪتل عزادارن جا قافلا روهڙي طرف روان دوان آھي. سکر، خيرپور ۽ روهڙي۾ به وڏا جلوس روان دوان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو