سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي،نياز ڪالاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪارڪنن کي گهران کنڀيو پيو وڃي، صنعان قريشي ۽ ڪارڪنن کي به تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽرز نياز ڪالاڻي جون ڪراچي جي عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهيون، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، سنڌ جي عوام صوبي جي حقن لاءِ تحريڪ ۾ ڀرپور موٽ ڏني آهي، سنڌ سرڪار وائڙائپ ۽ پريشاني جو شڪار آهي، جيلن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، سنڌ حڪومت ڪارڪنن جي وٺ پڪڙ ۽ ڪارروائين کان پاسو ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو