سپريم ڪورٽ نواز شريف جي مستقل ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي مستقل ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ بينچ سماعت بعد اهڙو فيصلو ٻڌايو. نواز سريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته سندا موڪل مستقل ذهني دٻاءَ ۽ ڊپريشن سبب بيمار آهي ۽ ڊاڪٽر به چون ٿا ته جن سندس دل جي آپريشن ڪئي لنڊن ۾ اهي ئي ڊاڪٽر سندس بهتر علاج ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري سندس مستقل ضمانت منظور ڪندي پرڏيهه مان علاج جي اجزت ڏني وڃي. هن عدالت جو ڌيان 26 مارچ واري 6 هفتن جي عبوري ضمانت منظور ڪرڻ وقت عدالت ۾ چيل ججن جي جملي ۽ لکت ۾ ڏنل فيصلي ۾ فرق بابت ڇڪايو، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه کيس ياد ڪرايو ته جج جا چيل لفظ آبزرويشن ۽ لکيل حڪم هوندو آهي. عدالت مستقل ضمانت جي درخواست رد ڪندي چيو ته اڳ ۾ هو 7 مئي تي عبوري ضمانت ختم ٿيڻ بعد جيل اختيارين وٽ پيش پوي جنهن بعد ٻيهر هو ضمانت جي درخواست ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ 24 ڊسمبر 2018 تي کيس 7 سال ٽيپ ڏني وئي هئي ۽ هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو. بعد ۾ هن طبيعت خراب هئڻ ۽ علاج لاءِ ضمانت جي درخواست ڏني. سپريم ڪورٽ سندس 6 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس چيو ته پاڪستان مان جتان هو چاهي علاج ڪرائي سگهي ٿو ۽ پرڏيهه مان علاج واري سندس درخواست رد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو