سُورن سان ڀريل سنڌ ۽ حڪمرانن جا غيرسنجيده رويا!

سنڌ جي اترين ضلعن گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ جتي قبائلي جهيڙا سالن کان هِتان جو مقدر بڻيل آهن، اُتي وري بدامني، اغوا، ڦرون، چوريون به چوٽ چڙهيل آهن. هونئن به انهن ضلعن جي مختلف علائقن مان اڪثر ڪري اڄوڪي مند ۽ موسم ۾ بدامني جي باهه وڌيڪ ڀڙڪيل رهي ٿي. ڪٿي ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿيڻ ته ڪٿي وري رات جي اونداهي ۾ چوريون معمول تي هجڻ اُتان جي رهواسين جو مقدر بڻيل آهي. گڏوگڏ پوليس جي ڪارروائين جون خبرون به اينديون رهن ٿيون پر حقيقي طور اُهي اڪثري ڪري خبرون بي بنياد ئي هونديون آهن.

گذريل هڪ مهيني کان ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ شڪارپور توڙي گهوٽڪي ضلعي اندر جيڪا بدامني جي باهه ٻريل آهي. تنهن جو ته مثال ملڻ ئي مشڪل آهي. مقامي انتظاميا توڙي وس وارا واقعن کانپوءِ وقتي طور تي ته ڏاڍيون تڪڙيون بنا ڪنهن حڪمت عملي جي ڪارروايون ڏيکارين ٿا پر وقت جي رفتار سان سڀ ڪجهه انهن کان وسريو وڃي. ايتري تائين جو 8 کان 10 خونن جي واقعن کانپوءِ به سندن ڪو نتيجو نه ٿو ڏنو وڃي. جنهن جو تازو مثال ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پيش ايندڙ اُهو هنيانءُ ڏاريندڙ واقعو جنهن ۾ چاچڙ برادري جي 9 ماڻهن کي گهران گهرائي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. واقعي بابت آئون ته مختلف وقتن تي ڪالم لکي چڪو آهيان پر اڄ ذري گهٽ ٻه مهينا ٿيڻ وارا آهن پر مقامي پوليس انهن 9 گهرن کي اجاڙڻ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ گڏوگڏ واقعي کانپوءِ جيڪا صورتحال سندن سامهون آهي سا به ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي. حالانڪه جيڪڏهن واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن خلاف پوليس ڪو وقتائتو آپريشن ڪري ها يا ڪا حڪمت عملي ٺاهي ها ته جوابدارن تائين پهچڻ پوليس لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه هو. باقي پوليس پاران اهڙيون کٽارا بڪتربند گاڏيون وٺي وڃي ڪارروائين کي آپريشن جو نالو ڏنو وڃي، جيئن تازو گهوٽڪي پوليس ڪچي جي علائقي ۾ هڪ مينهن چوري پٺيان چورن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ پهتي ته سندن مينهن ته ڪونه موٽي پر هڪ ڳڀرو جوان جو لاش ۽ ٻيو اڌ مئو ڪري کڻي واپس آندو ويو، هي آهي اڄ اسان جي سنڌ پوليس جي حالت، جنهن کي آپريشن جو نالو ڏنو ٿو وڃي! گهوٽڪي پوليس جي ڳالهه ڪجي ته هڪ سال پهرين ميرپورماٿيلي جي علائقي مان هڪ نوجوان نياڻي ذليخان ڇڄڻ جيڪا پنهنجي گهر ٻاهران اغوا ڪئي وئي، جنهن بعد سندس وارث اڄ سوڌو پريشان آهن ته انهي نياڻي کي خبر ناهي ته ڪو درياهه لوڙهي ويو، زمين ڳهي وئي ۽ آسمان کڻي ويو، نينگري جا والدين ۽ ٻيا مٽ مائٽ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر پوليس جو اڄ سوڌو ڪو به هاڪاري ڪردار نظر نه آيو آهي ۽ نه ئي انهي نياڻي جي وارثن کي مقامي پوليس پاران ڪا مثبت موٽ ڏني پئي وڃي. لڳي ائين رهيو آهي ته ذُليخان جو قصو ۽ ٺل واري فضيلا سرڪي جيان وڃي ڇيهه ڪندو، جيئن اُها ٻارڙي به راند ڪندي گهر ٻاهران کڄي وئي هئي، جنهن کي اڄ هيترا سال گذري ويا آهن، والدين احتجاج ڪندي ڪندي پنهنجا مٿا به اڇا ڪيو ويٺا آهن. اڄ تائين احتجاج جو سلسلو به جاري آهي پر ٺل پوليس اڃان تائين فضيلا سرڪي جو پتو به نه لڳائي سگهي آهي.

مجموعي طور ڏسجي ته سنڌ جا شهر هجن يا ڪچي جا علائقا، اُتان ڪنهن ماڻهو جو اغوا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر جتي نياڻين جي اغوا پٺيان به پوليس جو ڪردار هجي يا ڪن لاٽار سامهون نظر اچي ٿي ته اُتي پوليس جي اهڙي ڪردار تي ڪيتريون ئي آڱريون کڄن ٿيون. ذُليخان ڇڄڻ جا وارث به اڄ فضيلا سرڪي جي والدين جيان روزانو احتجاج ڪري رهيا آهن. سندن واقعي بابت نياڻي جي وارثن اعليٰ عدالتن تائين به وڃي پهتا آهن پر ڪو کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي يعني اڄ پوليس بلڪل ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهي. حالانڪه اڳ جي دور ۾ هرگز ائين نه هُيو ۽ نه ئي حقيقي طور اهڙا نياڻين کي به نه بخشڻ وارا واقعا پيش ايندا هئا. اڳ ته نياڻي ڇا پر ڪنهن راهگير کي به ڏوهاري ماڻهو ائين هٿ ڪونه وجهندا هئا، جيئن اڄڪالهه مرد ڌاڙيل عورتون بڻجي ۽ پنهنجي عورتاڻي آوازن جو سهارو وٺي ماڻهن کي گهرائي قيد ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوءِ انهن لاچار ۽ بيوس ماڻهن کان پنهنجن وارثن ڏانهن فونون ڪرايون ٿيون وڃن ته هيتري ڀنگ جي رقم پهچايو، ٻي صورت ۾ سندن لاش هٿ ۾ ڏنا ويندا. اڄ اهڙي ڪارروايون عام ٿي ويون آهن. جيڪي روزانو ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان ميڊيا جي زينت بڻيل رهن ٿيون. ساڳي وقت آئون جيڪڏهن انهن نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڪريان ته سڄي سنڌ ۾ اڄ اهڙا واقعا عام آهن. ايتري تائين جو ڪنهن ٽن سالن جي نياڻي کي به بخش نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف اڄ جيئن پنجاب جي زينب سان زيادتي ڪندڙ وحشي جوابدار کي جيڪا تاريخي سزا ملي اهڙي ملندڙ سزا جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ملوث جوابدار کي ملي هجي ها ته شايد اڄ اسان وٽ اهڙن ڪيسن ۾ هرگز واڌارو نه ٿئي ها، هتي اهڙن عبرتناڪ واقعن کانپوءِ به جرڳا ڪري سندن جوابدارن کي بخشرايو ويندو آهي.

مون مٿين سِٽن ۾ بدامني بابت ذڪر پئي ڪيو ته اڄ اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن، ڏوهارين جو راڄ قائم ٿيل آهي. شڪارپور ضلعي جو مختصر ذڪر ڪجي ته اُتي اغوا جي واقعن ۾ واڌارو اچڻ توڙي جو خونريزي جي وارداتن کانپوءِ چند مهينن اندر ٽي ضلعي پوليس آفيسر تبديل ڪيا ويا آهن، ڌاڙيلن خلاف گرينڊ آپريشن جا اعلان توڙي جو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت طرفان سنڌ پوليس کي هدايتون به ڏنيون ويون پر اڄ سوڌو شڪارپور پوليس به ڊيل ذريعي ڪجهه ماڻهو بازياب ته ڪرايا آهن پر ڏوهارين خلاف جيڪو گرينڊ آپريشن ڪرڻو هو سو ڳالهين تائين محدود رهيو آهي. شڪارپور جي نئين مقرر ايس ايس پي تنوير حسين تنيو جي مقرري کانپوءِ تيغاڻي ذات سان تعلق رکندڙ ٻن ماڻهن جا لاش ته ميڊيا جي سامهون آندا ويا ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٻڌايون ويون پر اڄ سوڌو اُهي گرفتار جوابدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڪونه آندا ويا آهن. خبر ناهي ته اهڙين ڳالهين ۾ ڪيتري حد تائين صداقت ٿي سگهي ٿي. پوليس هن وقت ڳڙهي تيغو جي علائقي ۾ ديرو ڄمائي ورتو آهي ۽ هر قسم جي چُرپُر تي ڪڙي نظر رکي ٻڌائي پئي وڃي پر هيترو وقت گذرڻ کانپوءِ جيڪو آپريشن ٻڌايو ويو هو سو ڪونه ٿي سگهيو آهي. ٻئي طرف اڄ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪجهه هنڌن تي درياهه جو پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪچو ٻڏل ٻڌايو پيو وڃي، ٿي سگهي ٿو يا ممڪن آهي ته شڪارپور پوليس کي اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪچي ۾ ٿيندڙ آپريشن بابت ڪي مشڪلاتون درپيش هجن.

ڪشمور ضلعي جي ڪنڌڪوٽ واري ڪچي ۾ سبزوئي-چاچڙ جهيڙي کانپوءِ جيڪا ڀڙڪيل باهه آهي، سا ڏينهون ڏينهن نوان نوان رُخ ڪندي پئي وڃي، ڇوته مون اڳ به ذڪر ڪيو هو ته انهن مڙني علائقن ۾ انا جو هڪ وڏو عنصر موجود آهي. گڏوگڏ جيڪو هڪ عبرتناڪ واقعو جنهن ۾ 9 گهر تباهه ٿيا آهن، خبر ناهي اڄ انهن 9 پيئرن جي اولاد سان ڪهڙي تڪليف واري ڪيفيت هوندي. اڄ انهن 9 پٽن جي امڙين ۽ 9 مائرن ۽ سندن ڪيترين ئي ڀينرن ۽ گهروارين جي ڏکوئيندڙ جيءُ مان ڇا گذري رهيو هوندو. اِها خبر ته انهن عزيزن ۽ قريبن جي دِلين کان پڇي سگهجي ٿي. چوڻي آهي ته ”اها جاءِ جلي جتي باهه ٻري“ اڄ چاچڙ برادري جي ڌرين ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي پر افسوس اِهو به آهي ته اهڙي وڏي واقعي کانپوءِ جتي نه رڳو گهربل جوابدارن جون گرفتاريون ٿيڻ گهرجن ها پر گڏوگڏ منهنجي خيال مطابق گهٽ ۾ گهٽ وفاقي گهرو وزير کي اهڙن علائقن جو وزٽ ڪري صورتحال جو جائزو وٺي ڪا وڏي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها ته جيئن مقتولن جي وارثن کي ٻيو ته ٺهيو پر ايتري ته تسلي ڏئي سگهجي ها ته گهربل جوابدار گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت کان علاوه سنڌ سرڪار به پنهنجي قولن تي قائم نه رهي سگهي آهي، تازو ڪجهه ڏينهن پهريان جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه انهي ضلعي ڪشمور ۾ هڪ پارٽي اڳواڻ جي والده جي وفات کانپوءِ تعزيت تي پهتو هو ۽ بعد ۾ هو باءِ روڊ ڪشمور وايا ٺل روڊ وٺي جيڪب آباد به ڪنهن تعزيت لاءِ پهتو ته شايد وزيراعليٰ سنڌ انهي دوري دوران انهن 9 مقتولن جي وارثن وٽ وڃي کين اِها آٿت به ڏئي ها ته جوابدارن کي گرفتار ڪرايو ويندو ته شايد مقتولن جي وارثن کي ڪو دلي سڪون ملي ها پر انهي ضلعي مان چونڊيل نمائندا توڙي وزيراعليٰ صاحب کي اهڙي راءِ ڏيڻ جي تڪليف ڪنهن به ڪونه ڪئي. خير پاڻ اترين ضلعن جي بدامني واري صورتحال سان گڏوگڏ اغوا، قتل، زيادتين ۽ ٻين واقعن تي تبصرو ڪري رهيا آهيون جو اڄ انهن ضلعن اندر بدامني چوٽ چڙهيل آهي. مقامي پوليس جو بغير حڪمت عملي سان ٿيندڙ آپريشن به ناڪام ثابت ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه انهن اترين ضلعن جي مڙني شهرن ۽ علائقن ۾ هي ته اُهي اذيتناڪ واقعا آهن جيڪي رپورٽ ٿين ٿا باقي ته جيڪي ٻهراڙين ۾ اڻ رپورٽ ٿيل واقعا هوندا آهن انهن جو ته ڪو تعداد ئي ڪونه آهي. ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ گذريل ٻه مهينا پهريان سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري طرفان چاچڙ برادري جي 9 ماڻهن کي مارڻ کانپوءِ وري ٻيهر گذريل ڏينهن ڳوٺ سونهارو چاچڙ ڀرسان دُراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن چاچڙ برادري جا ماڻهو ڳوٺ ويجهو مال چاري رهيا هئا ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي ٽن ڄڻن عبدالرشيد چاچڙ، تاج محمد ۽ ڊگڙي چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. اڳ ئي پوري ضلعي اندر 9 ماڻهن جي قتل کانپوءِ خوف ۽ هراس وارو ماحول ڇانيل آهي. مٿان وري انهي چاچڙ برادري سان انصاف بدران هڪ دفعو ٻيهر انهن جا ٽي ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن. گڏوگڏ هڪ نينگري کي به زخمي ڪيو ويو آهي. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته آخر انهي ضلعي جي پوليس ڇا ڪري رهي آهي ۽ سندن بار بار موقف ٻڌو ويو آهي ته ڪچي مان ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويو آهي ۽ اِهو به چيو ويو هو ته چاچڙ برادري جي 9 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪچو خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن ته پوءِ ڇا تازو واقعو جنهن ۾ ڀڙڪيل باهه ۾ وڌيڪ ڦوڪ ڏئي چاچڙ برادري جا وڌيڪ 3 ماڻهو مارجڻ۾ ملوث جوابدار ڪي آسمان مان لٿا آهن يا زمين مان ٻاهر نڪري هڪ دفعو ٻيهر رت جي راند ڪري انهي ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ وڌيڪ مايوسي جو پيغام ڏئي ويا آهن. اِهو سوال ته ڪشمور ضلعي جي ذميوار پوليس آفيسر کان ضرور پڇڻ گهرجي.

سڄي سنڌ اڄ سورن سان ڀري پئي آهي. ڪهڙي معاملي کي هاءِ لائٽ ڪجي پر اقتدار ڌڻي يا حزب اختلاف جص ليڊرن وٽ وٽ غير ضروري معاملن کي ڇيڙڻ، انهن تي اسيمبلي فلور کان وٺي ٽاڪ شوز تائين تبصرا ڪرڻ جو ته ٽائيم آهي، مثال طور حريم شاهه وارو مامرو ڏسو، افسوس اِهو آهي ته اڄ سڄي سنڌ ۽ هرطرف کان هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي. ڪٿي بدامني ته ڪٿي پاڻي جي کوٽ ته ڪٿي خودڪشيون، بيروزگاري، ساڳئي وقت قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون سڄي سنڌ جا ماڻهو روڊن تي بي يارو مددگار آهن ته ساڳئي وقت اسان جا حڪمران اصل ذميوارين کان هٽي ڪري اسيمبلي جهڙي مقدس فلور تي ٽهڪڙا ڏئي عوام جي اصل دردن کي وساري غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڏک ته صرف اِن ڳالهه جو ٿئي ٿو ته جتي سڄي سنڌ جا ماڻهو تڪليفن جي گهيري ۾ هجن پنهنجن جائز گهرجن کان محروم هجن، چونڊيل نمائندا انهن جي داد رسي بدران سندن ڪڏهن بجيٽ پٺيان دُهل ۽ نغارا کڻي ٿا پهچن ته ڪڏهن وري اسيمبلي جهڙي مقدس فلور تي هٿرادو جنازا کڻڻ لاءِ کٽون کڻي پيا اچن ۽ بعد ۾ ڏند چڪ ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي راتين جو هڪ ٻئي جون دعوتون به کائڻ ۾ پورا هجن ٿا. باقي جيڪڏهن قبائلي جهيڙن ۾ 10 کان 12 ماڻهو گولين جو کاڄ ٿي وڃن يا وري پاڻي کوٽ خلاف سنڌ جا آبادگار روڊن تي هجن پر انهن جي جائز مطالبن لاءِ ڪو چپ ئي ڪونه ٿو چوري، اهڙو رويو سنڌ لاءِ ناقابل قبول آهي! advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو