سي اين جي مهانگي ٿيڻ خلاف ڊرائيورن جو انوکو احتجاج

چوهڙ جمالي (ن س) چوهڙ جمالي ۾ سوزوڪي ڊرائيورن جو پيٽرول ۽ سي اين جي مهنگائي ڪرڻ خلاف انوکو احتجاج ، روڊ تي تڏو وڇائي پنڻ جون صدائون هنيون ويون. مين اسٽاپ تي سوزوڪي ڊرائيورن علو سوڍائي , موسي درس , نديم خاصخيلي , سليم ڪيهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهنگائي خلاف روڊ تي تڏو وڇائي پنڻ جو صدائون هڻي انوکو احتجاج ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته موجوده حڪومت مهنگائي چوٽ چاڙھي ڇڏي آھي پيٽرول ۽ سي اين جي مهنگي هجڻ ڪري پريشان حال آھيون ڪوبه ماڻھو سوزوڪي ڪرائي تي کڻڻ لاء تيار ناهي سڄو ڏينهن گاڏيون اسٽاپ تي بيهاري بيهاري واپس گهر هليا ويندا آھيون , مهنگائي سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي هنن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته وڌندڙ مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري تيل جون قيمتون گهٽائي پنڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو