سي آءِ اي، جي سربراهه جي آرمي چيف سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان امريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنس ملاقات ڪئي آهي. پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آئي ايس پي آر) جي مطابق ، ڊائريڪٽر جنرل آف پاڪستان انٽر سروسز انٽيليجنس (آئي ايس آءِ) ، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پڻ  جي ايڇ ڪيو لپنڊي ۾ ٿيل ملاقات ۾ وجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فوجي ترجمان موجب ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پرعزم آهي ، جڏهن ته سي آءِ اي سربراهه افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ امريڪي واپسي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب وليم جوزف برنس خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي به ساراهيو. ياد رهي ته سي آءِ اي سربراهه گذريل ڏينهن ۾ افغانستان ۽ ڀارت جو به دورو ڪري چڪو آهي. امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارت جو دورو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو