سيپڪو عملدارن خلاف نوشهرو ۽ شهداد ڪوٽ ۾ احتجاج

نوشهروفيروز/ شهداد ڪوٽ(نمائندن وٽان) اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ۽ بکل نه ڀرڻ جو بهانو ڄاڻائي مختلف شهرن ۾ بجلي ڪاٽي دوزخ جهڙي گرمي ۾ ماڻهن کي مرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ وارن سيپڪو عملدارن خلاف نوشهرو فيروز ۽ شهداد ڪوٽ ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نوشهرو فيروز مان منظور ملڪ موجب  متاثره شهرين بجلي جي ڊگهي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. امان سولنگي ، عرفان علي ، غلام فريد سولنگي ، منصور علي جوڻيجو ، ڪفايت علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺاروشاهه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بجلي جي بلن جون ڪاپيون هيون ان موقعي تي شهرين چيو ته  نوشهروفيروز سيپڪو ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي جنهن ڏينهن کان چارج منصور ڀنڀرو سنڀالي آهي ۽ ايس ڊي او جي چارج نثار مڱريو سنڀالي آهي ان ڏينهن کان شهر جي اڪثر علائقن سنڌ ڪالوني ، ماروي ڪالوني ، شاهي بازار ، سومرا محلا ، رياض ڪالوني ، زردار ڪالوني ، بخشو خان رند ، ڪاليج روڊ ، ڪڪا شاهه محلا ، قائم ڪالوني ، پريم ننگر ، سليم پور ، واپڊا ڪالوني ، بينظير ڪالوني ، خليفه محلا ، هيٺائين چوڪ ، عباسي ٽائون ، لعل بخش لنڊ ، گل ٽائون ، طالب سولنگي ، مارڪيٽ چوڪ ، پير نول گهوٽ ۽ اڪثر پاڙن ۾ بجلي بند آهي. سيپڪو عملي وارا بنگلن وارن کان ڀتا وٺي مفت اي سي هلرائن ٿا ۽ غربن کان به رشوت طلب ڪن ٿا.

Photo Sindhyar

سيپڪو جو لائين مين هجي جا ميٽر ريڊر اهي پڻ ٿورڙي عرصي ۾ ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻجي ويا آهن. *** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب سياسي سماجي اتحاد جي سڏ تي سيپڪو ايس ڊي او جي مبينا ڪرپشن ۽ شهرين سان بداخلاقي واري رويي، ايڪسپريس فيڊرن تي لوڊشينڊنگ ۽ ٽرپنگ خلاف سبزي منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان پهچي  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حاجي خان ڀٽو، انيل گرناڻي،  پير بخش ڀٽي، خالد سيلرو، حيات تونيو، وزير کوسو ، منير بروهي، نصير سيلرو، قاسم سومرو، ذوالفقار سيلرو، محمد صديق ابڙو، آصف لاشاري، شبير مگسي، اختيار جمالي رستم سومرو ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ڊي او سيپڪو شهدادڪوٽ جي بدلي ۽ انڪوائري لاءِ مرحلي وار تحريڪ هلندڙ آهي، هنن جو چوڻ هو ته ايس ڊي او سيپڪو شهرين سان انتهائي غيراخلاقي رويئي سان پيش اچي ٿو ۽ سيپڪو صارفين جي تذليل ڪري سندن عزت مجروح ڪري ٿو، هنن جو چوڻ هو ته شهر جي ايڪسپريس فيڊرن تي غير اعلانيل ۽ غير قانوني لوڊشيڊنگ ۽ ٽرپنگ ڪري سيپڪو صارفين ڏانهن واڌو ۽ ڊڊڪشن بل موڪلي معاشي ۽ ذهني اذيت ڏئي سخت پريشان ڪري ٿو،  هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ايس ڊي او خلاف مهينو اڳ انڪوائري ڪئي وئي هئي جنهن جي رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي جيڪا رپورٽ به جلد جاري ڪري شهرين ۾  پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. هنن بدلي نه ٿيڻ جي صورت ۾ عيد کان پوء سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو پڻ چتاء ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو