سيٺارجا ۾ هيپاٽائيٽس بابت سجاڳي مهم ۽ پروگرام منعقد

سيٺارجا(سجاد علي ڪٻر) هيپپاٽائيٽس جي خاتمي ۽ عوام ۾ سجاڳي پيداڪرڻ جي حوالي سان  بنيادي صحت مرڪز سيٺارجا پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهرين صحافين ۽ سماجي ماڻھن کي عرف عام سڏي ويندڙ ڪاري ڪامڻ يا سائي  تي ڪنٽرول ڪرڻ لا صحت کاتي پاران ڊاڪٽر وزيرڦل، ڊاڪٽر محمد علي لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ھيپاٽائيٽس کان پاڻ کي بچايو ۽ اھڙين شين کان بچاءُ ڪيو وڃي جيڪي نقصانڪار ھجن جيڪي هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ مرض وڌائن ٿا هنن چيو ته سرنج , بليڊ ۽ ڪن, نڪ ٽوپڻ واريون استعمال ٿيل سيون ۽ خراب پاڻي پيئڻ سان هيپاٽائيٽس جو مرض لڳي وڃي ٿو جيڪڏهن انهن کان بچاء ۽ احتياط ڪجي ته هميشه لاء هن مرض کان ڇوٽڪارو ملي سگهندو هڪڙي سرنج کي هڪ ماڻھون تي استعمال ڪرڻ کان پوء اها سرنج ٻيهر استعمال نه ڪئي وڃي ۽ هيپاٽائيٽس جي بچاء جا ٽڪاء لڳرايا وڃن ۽ اهڙي چڪاس پڻ ڪرائي وڃي ته جيئن ماڻھو صحتمند ۽ تندرست رهي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو