سينٿيا رچي جي ضمانت منظور ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بلاگر سينٿيا رچي جي 30 هزار روپين عيوض مقامي عدالت ضمانت منظور ڪندي وڌيڪ ڪاروائي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پي پي اڳواڻ رحمان ملڪ قذف آرڊيننس هيٺ سندس خلاف غلط بياني ڪرڻ ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ بابت ڪيس داخل ڪيو آهي. سينٿيا رچي جي وڪيل مچلڪا پاڪستاني ڪرنسي جي 30 هزار برابر جمع ڪرائڻ جي درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪري ڇڏي. رحمان ملڪ جي وڪيل چيو ته معاملو عدالت ۾ هجن باوجوڊ سينٿيا سندس موڪل جي ڪردار ڪشي ڪري رهي آهي مٿس توهين عدالت جو ڪيس ڪريو. سينٿيا جي وڪيل چيو ته قذف آرڊيننس هيٺ ‘محسن’ ڪيس ڪري سگهندو آهي ۽ رحمان ملڪ محسن ناهي ان ڪري ڪيس ختم ڪريو. ياد رهي ته رحمان ملڪ تي آمريڪي عورت سينٿيا رچي ريپ جو الزام هنيو هو. سينٿيا شهيد محترمه بينظير ڀٽو تي به قابل اعتراض الزام هنيا هئا. سندس خلاف پي پي وارن ڪيس ڪيو هو جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو هو آمريڪي بلاگر فوج جي تعلقات عامه واري اداري آءِ ايس پي آر ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت لاءِ ڪم ڪندي آهي. عدالتي ڪاروائي بعد سينٿيا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي شهري يا عورت هجڻ جي ناطي کيس همدردي جي ضرورت ناهي هو ميرٽ تي انصاف چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو