سينيٽ جي ڪاميٽي آڏو تاج جويو جو بيان

مانوارا سينيٽر مصطفيٰ کوکر، چيئرمين سينيٽ فنڪشنل ڪاميٽي فار هيومن رائيٽس، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر ڪرشنا ٻائي، سينيٽر زيب جمالديني، سينيٽر قرت العين مري، سينيٽر محمد طاهر بزنجو، سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻيا سڀ سينيٽرن صاحبان ۽ چيئرمين ڪميشن آف مسنگ پرسن جسٽس (ر) جاويد اقبال.

اسلام عليڪم، حق موجود، جيئي انسانيت

جناب اعليٰ، مان اوهان جو شڪر گذار آهيان جو توهان مون کي هن معزز ايوان ۾ موقف پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي ته مان پنهنجي پٽ سارنگ جويي جي جبري گمشدگي جو ڪيس پيش ڪريان. اوهان سڀني کي بخوبي علم هوندو ته منهنجي موقف پيش ڪرڻ کان اڳ انهن ڊنل اڻڏٺل قوتن منهنجي پٽ کي انتهائي ذهني ۽ جسماني تشدد کانپوءِ ڪراچي جي هڪ ڏورانهن علائقي ۾ ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته جبري طور کڻڻ وقت منهنجي پٽ جي کيسي ۾ 1500 رپيا هئا ۽ انهن قوتن هن رقم کي ٻيڻو ڪندي منهنجي پٽ کي ڇڏڻ وقت 3 هزار رپيا ڏئي ڇڏيا، سنڌ ۾ اڄڪلهه ڪجهه ٺڳ عورتون گهرن ۾  وڃي جاهل عورتن کي ڏٺو ڏينديون آهن ته سون ۽ پئسا ڏيو توهان کي ٻيڻا ڪري ڏينداسين. ته انهن معزز اڻڏٺل قوتن کي به هن روايت کي قائم رکندي پاڪستان جو شان وڌايو آهي.

معزز صاحبان، منهنجو پٽ سارنگ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي آهي. هن مٺي (ٿرپارڪر) جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ ماروي گرامر اسڪول ۾ پڙهائڻ سان پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو هو. ان کانپوءِ محترمه سلطانه صديقي ۽ اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي طرفان ڊگهڙي (ميرپورخاص) ۾ قائم هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو هو. ان کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان منسوب اداري زيبسٽ ڪراچي جي شاخ سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ آهي. سارنگ سماجي ورڪر رهيو آهي. هن تعليم دوران ڪيئي سيمينار ڪرايا آهن. سنڌ سجاڳي فورم جي پليٽ فارم تان 2017ع جي آدمشماري ۾ زبان جي خاني ۾ مادري زبان سنڌي لکڻ، آنر ڪلنگ، مزدورن جي حقن ۽ خاص ڪري مسنگ پرسن جي مسئلي تي احتجاج ۾ حصو ورتو هو. مان سارنگ جي تحقيقي ڪمن جا تفصيل کڻي آيو آهيان. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جي ٿيسسز سنڌي شاعري جي صنف ترائيل تي  لکي هئي. لوڪ ورثا طرفان حيدرآباد ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جي مقبرن تي ڪتاب لکيو هو. يونيورسٽي جي وقت دوران ”ادبي منظر“ رسالي جو ايڊيٽر هيو. سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي رسالي جو به ايڊيٽر هو. پاڻ سنڌي لينگويج ڪورس ليول ون جو ڪورس انسٽرڪٽر هيو ۽ سنڌي اڀياس اڪيڊمي ۾ سنڌي پڙهائيندو هو. سنڌ جي تاريخ تي ڪيئي مقالا لکيا هئا. شاهه لطيف جي شاعري تي عبور رکندو هو. سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي سنڌ اسٽيڊيز سيمينار سيريز 2012ع ريڊر جو پنهنجو باس سان گڏ ريڊر هيو.

اڄ منهنجي پٽ کي رات جي وقت آزاد ڪيو ويو آهي. جنهن جي لاءِ سينيٽ آَف پاڪستان جي هن ڪاميٽي، جناب بلاول زرداري، محترمه شيري رحمان، محترم شهباز شريف، سيد شاهه محمد شاهه، عبدالمجيد ڪانجو، مختلف چئنل، سڄي ملڪ جي اديبن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جو احسان مند آهيان جو انهن جي جدوجهد ۽ آواز ۽ احتجاج کان ڊڄي ڪري اڻڏٺل قوتن رات جي انڌيري ۾ ان کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. مان سارنگ جا سمورا دستاويز هاءِ ۾ داخل پٽيشن وغيره جا ڪاغذ کڻي آيو آهيان. اوهان چاهيو ته اوهان وٽ جمع ڪرائي ڇڏيان.

پر معزز صاحبان هي مسئلو صرف منهنجي پٽ سارنگ جويي جي جبري گمشدگي (۽ آزادي) جو ناهي. مون وٽ سنڌ مان جبري طور گم ٿيل معلوم ماڻهن جي لسٽ آهي. جن جو تعداد 228 آهي. جن کي 2010ع کان ويندي اڄ تائين غائب ڪيو ويو هو. هنن مان 128 کي آزاد ڪيو ويو آهي يا جيل ۾ آهن يا ماريا ويا آهن. ۽ هن وقت 80 ماڻهو گم ۽ غائب آهن. جن جي جانين جي تحفظ جو ڪو به يقين ناهي. هي لسٽ مان اوهان کي ۽ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي پيش ڪري رهيو آهيان.

Photo screen grab

هنن ماڻهن جو ڏوهه صرف هڪ ئي آهي ته هو سڀ سنڌ جا پٽ آهن، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، سنڌ ۾ ٻاهر جي ماڻهن جي آبادڪاري نٿا چاهين ۽ پرامن سياسي ۽ سماجي جدوجهد ڪندا آهن. جيڪڏهن اهو ئي انهن جو ڏوهه آهي ته نه صرف هو پر اسان سڀ سنڌ جا رهواسي اهو ڏوهه ڪندا رهنداسين.

حق گوئي اگر جرم هي اس دور ۾ اي دوست

اس جرم ڪا اقرار سري عام ڪرين گي

سر هاڻي هاڻي رات جو مون کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل رات ايس ايو پي ڪراچي جي سينيئر ڪارڪن عبدالرزاق شر جي 14 ۽ 16 سالن جي ٻن پٽن بشير شر ۽ غلام رسول شر کي به جبري طور گم ڪيو ويو آهي. هن جو ڏوهه اهو هو ته مون سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون 14 تاريخ جي احتجاج ۾ شامل ٿيو هو. هن ان جون تصويرون آهن.

معزز چيئرمين مان اوهان جي سامهون سڀني جو ته تفصيل پيش نٿو ڪري سگهان پر پنج معصوم ٻارن ۽ ماڻهن جو مختصر بيان پيش ڪيان ٿو.

1. غلام هادي عرف عاقب چانڊيو لاڙڪاڻي جو رهواسي شاگرد آهي ان کي 17 سالن جي عمر ۾ جبري طور تي کنڀيو ويو هو ۽ 19 سالن جي عمر ۾ ذهني معذور بڻائي سيپٽمبر 2019ع ۾ آزاد ڪيو ويو. سندس ماءُ نومبر 2019ع ۾ پٽ جي شادي ڪرائي ۽ ڪجهه عرصو اڳ هو ڪراچي ۾ پنهنجي مامن وٽ علاج لاءِ پنهنجي ٻن ڀينرن ۽ زال سان گڏ هڪ فليٽ ۾ رهائش پذير هيو. ته کيس ٻيهر 7 جون 2020ع تي کنڀيو ويو. سندس ماءُ، ڀينرون، زال روزانو روڊن تي احتجاج ڪري رهيون آهن. مون کي خدشو آهي ته ڪٿي کيس ماريو نه ويو هجي ڇاڪاڻ ته ان ۾ تشدد برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهي ۽ سندس عمر 20 سال آهي.

2. محفوظ نوتڪاڻي گولاڙچي ضلعي بدين جو 21 سالن جو نوجوان شاگرد آهي، کيس 24 جون 2020ع تي گولاڙچي مان زبردستي کنڀيو ويو. هو بلڊپريشر، ٻنهي گڙدن ۾ پٿريون ۽ مسلسل بخار ۾ رهندو آهي سندس جان کي خطرو آهي. کيس آزاد ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو وڃي.

3. شاهد جوڻيجو 30 سالن جو نوجوان آهي، جنهن کي 5 آگسٽ 2017ع تي جبري طور گم ڪيو ويو هو. هو اينگرو فوڊ ۾ ملازم هو. 10 هزار ماهوار پگهار کڻندو هو. سندس زال خون جي ڪمي ۾ مبتلا آهي. سندس ڌيءَ اندرا جيڪا پيءُ جي گرفتاري وقت 5 سالن جي هئي. هاڻي 8 سالن جي ٿي وئي آهي. ۽ هر احتجاج ۾ نعرا لڳائيندي روئيندي وتندي آهي ته (منهنجي پيءُ شاهد جوڻيجو کي آزاد ڪريو).

4. مرتضيٰ سولنگي انشورنس ڪمپني جو ملازم هو. کيس لاڙڪاڻي مان کنيو ويو. کيس 3 سال ٿي ويا آهن. سندس ماءُ جي پٽ جي غم ۾ بينائي ختم ٿي وئي آهي ۽ هو ذهني مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

5. انصاف دايو نظر محلي لاڙڪاڻي ۾ درزي هو. کيس 27 سالن جي عمر ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي سندس عمر 30 سال ٿي وئي آهي. سندس ماءُ کي ٻه ڀيرا دل جو دورو پيو آهي. سندس وٽ باءِ پاس ڪرائڻ جا پئسا ناهن. هوءَ ٽينشن سبب بلڊپريشر ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ سندس گڙدن ۾ زخم آهن. جيڪڏهن هو آزاد نه ٿيو ته سندس ماءُ جو ڪجهه ڏينهن موت ٿي سگهي ٿو.

هن کانسواءِ ڊاڪٽر فتح محمد کوسو ڪنڌڪوٽ مان فيبروري 2016ع کان، حيدر کوسو 2011ع کان ۽ ايوب ڪانڌڙو خيرپور جو رهواسي گذريل 3 سالن کان گم آهن، صابر چانڊيو کي اي ٽي سي ڪورٽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪيس هلائي سندس ڪيس ختم ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن کيس ڪراچي مان پنهنجي عزيزن جي گهر مان کنيو ويو آهي. ان کان علاوه 80 ماڻهو گم آهن. انهن جي گهرن جي چلهه نٿي ٻري. اوهان کي اپيل آهي ته انهن کي آزاد ڪرايو.

SENATOR MUSTAFA NAWAZ KHOKHAR, CHAIRMAN SENATE FUNCTIONAL COMMITTEE ON HUMAN RIGHTS PRESIDING OVER A MEETING OF THE COMMITTEE AT PARLIAMENT HOUSE ISLAMABAD ON AUGUST 17, 2020.

جيڪڏهن سرڪار، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سمجهن ٿا ته هو ڏوهاري آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ملڪ جي آئين ۽ عدالتن کان مٿڀريون گمشدگي جون ڪارروايون ڪيون وڃن ۽ وفاقي ۽ سنڌ سرڪار خاموش آهي. انهن ماڻهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. مون کي 14 آگسٽ تي صدر پاڪستان طرفان پرائيڊ آَف پرفارمنس سان نوازيو ويو هو. پر هن صورتحال ۾ جڏهن منهنجا ٻچا، منهنجا پٽ ۽ ڀائر هڪ سئو جي لڳ ڀڳ گم ۽ غائب هجن. ۽ سندن زندگين جو ڪو به پتو نه هجي مان ايوارڊ وٺي ڪهڙي طرح سوديبازي ڪري سگهان ٿو. مان پنهنجي قوم ۽ قوم جي ماڻهن جون نمائنده اديب آهيان. مان سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق چاهيان ٿو. سنڌي زبان کي قومي زبان تسليم ڪرائڻ چاهيان ٿو. پنهنجي ماڻهن جي آزادي (يا سندن عدالتن ۾ موجودگي) چاهيان ٿو. مان اهو ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيان ٿو ۽ واضح ڪيان ٿو ته جيستائين سنڌ ۽ بلوچستان يا پختونخواهه جو هڪ به فرد غائب هوندو مان احتجاج جاري رکندس. اهو منهنجو فرض آهي.

مون کي اوهان وٽ ايندي معلوم ٿيو آهي ته منهنجي پٽ جي زيبسٽ واري آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي. ۽ انتظاميا تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي سندس ملازمت ختم ڪئي وڃي. هن جي ڪا به پرواهه ناهي. سارنگ جويو هڪ هاري جو پٽ آهي. هو رڪشا هلائي به ٻارڙن جي دال روٽي حاصل ڪري وٺندو. مان هڪ مهينو اڳ سارنگ جي ڀيڻ جي ڏاج لاءِ  پنهنجي پينشن مان بچائي رکيل 3 لک رپيا سارنگ کي ڏئي کيس رڪشو وٺي ڏنو آهي. ته جيئن ايمرجنسي ۾ هو رڪشا هلائي ٻارن جي پرورش ڪري سگهي.

ڳڀو پاڻي ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اُوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي

(شيخ اياز)

پهنجو تبصرو موڪليو