خيرپور(سجاد علي ڪٻر ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻن روينيو ملازمن کي پنھنجي حڪم جو غلام بڻائي ٻيلي کاتي جي 30 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي غير قانوني قبضا ڪيا مھانگائي عالمي مسئلو آھي بجلي جي چوري ۽ لوڊ شيڊنگ کي پيپلز پارٽي جنم ڏنو سياستدانن سان گڏ ھاڻي ڪرپٽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري آفيسرن جو به احتساب ٿيندو اھڙن خيالن جو اظھار پي ٽي آئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ايم پي اي حليم عادل شيخ سادات ھائوس تي پرھجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو حليم عادل شيخ چيو ته زمينن جي غير قانوني الاٽميٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ پيپلز پارٽي جي با اثر ماڻھن جو وڏو نالو آھي. ھن چيو ته ڪووڊ سبب دنيا ۾ مھانگائي ٿي ۽ گھٽ مھانگائي پاڪستان ۾ ٿي. ھن چيو ته پي ٽي آئي سمورا پروگرام بغير سياسي سفارش جي عوام کي آن لائن ڏنا. ھن چيو ته ملڪ عمران خان جي قيادت ۾ مثالي ترقي ڪري رھيو آھي ڪيتريون ئي وڏيون سياسي شخصيتون جلد ئي پي ٽي آئي ۾ شامل ٿينديون ۽ سنڌ به پي ٽي آئي جوڳڙھ ثابت ٿيندو ھن چيو ته اسان متاثر ماڻھن کي لکين روپيه ڪووڊ فنڊ ڏنوسين ۽ سنڌ جي ترقي لاء اربن روپين جون اسڪيمون رکيون ويون آھن. ان موقعي تي لاڙڪاڻي ۽ سکر جو ريجنل صدر سيد طاھر شاھ يار محمد خان مڱڻيجو احمد علي شاھ پير آف راڻي پور منظور منڱريو سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود ھيا.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو