سيارن تي اجنبي زندگي جي ڳولا لاءِ ناسا جو روبوٽ تيار

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا ۽ يونيورسٽي آف ويسٽرن آسٽريليا گڏيل سهڪار سان هڪ خودڪار روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو برف ۽ سمنڊ جي تهه يعني زمين جي تري کان به هيٺ زندگي ۽ اجنبي مخلوق جي موجودگي بابت تحقيق ڪندو. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آستريليا جي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ڊين آرٿر ناسا جي سائنسدانن سان گڏ انٽارڪٽيڪا ۾ آسٽريلوي  تحقيقي مرڪز ۾ ان جا تجربا ڪيا آهن. ٻن گول ڦيٿن واري هن خودڪار روبوٽ جا 2015 کان تجربا ٿيندا رهيا آهن ۽ هاني ان جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. ناسا جي سائنسدانن جو چون آهي ته هي برف جي آخري تهه ۽ ان بعد هيٺ ڌرتي اندر تائين جاچ ڪري سگهندو ۽ زندگي جي آثارن بابت معلومات فراهم ڪندو. هي اڳ ۾ خلا ۾ مختلف سيارن جتي برف آهي انهن تي تجربي لاءِ موڪليو ويندو. ڊاڪٽر آرٿر جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ سمنڊ اندر توڙي ان جي هيٺان تحقيق لاءِ هن قسم جي روبوٽن جي ضرورت پوندي. هن جو چوڻ آهي ته مشتري جي برفاني چنڊ، جنهن کي يوروپا يا جوپيٽر 2، به سڏيو ويندو آهي ان تي زندگي جي آثارن ڳولڻ لاءِ موڪليو ويندو. Europa بابت سائنسدانن کي گهڻي پڪ آهي ته اُتي زندگي جا آثار ملي سگهن ٿا. جوپيٽر جنهن کي اسين مشتر سڏيندا آهيون ان جا ڪل هن مهل تائين ڄاتل 79 چنڊ آهن ۽ يوروپا اسانجي سولر سسٽم يعني نظام شمسي جو ڇهون وڏو چنڊ آهي جيڪو مک سياري مشتري جي چوڌاري مدار ۾ ڦرندڙ چئن چنڊن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي. هي ڌرتي کان 80 ڪروڙ ڪلوميٽر مٿي آهي. سائنسدانن اڳ ۾ بڌايو هو ته يوروپا تي برفيلي پاڻياٺ به موجود آهي جنهن جي مٿان هڪ گهاٽو تهه چڙهيل آهي. هي روبوٽ ان تهه کي ڪٽي هيٺ تائين وڃي سائنسدانن کي معلومات ڏيندو. ان کان اڳ ناسا وارن جارجيا انسٽيٽيوٽ سان شراڪت ۾ هڪ سب ميرين تيار ڪرڻ جي به خبر آئي هئي.

Photo credit Bill Stone

اها سب ميرين برفيلي پاڻياٺ واري تهه کي ڊرل ڪري هيٺ تائين پهچي اتي موجود مواد ۽ اجنبي زندگي بابت معلومات فراهم ڪندي.ناسا جي شيڊول موجب 2024 ۾ هي مشن مشتري تي روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو