سو سالا تاريخي اسڪول جي بحالي جو ڪم رولڙي جو شڪار

ٽنڊو باگو(رفاقت جروار)ھڪ سئو سال  تاريخي اسڪول خانبھادر  مير غلام محمد خان ٽالپر ھائير سيڪنڊري اسڪول جون تاريخي عمارتون  جنھن ۾ تاريخي گبسن ھاسٽل، تاريخي  ڊائينگ هال  ۽ اسڪول جي تاريخي عمارت ٽيچرس ھاسٽل  حڪومت جي بي ڌياني سبب زبون حال بنجي تباھ ٿي رھيون آھن.اڄ کان ھڪ سئو سال پھرين انگريز راڄ ۾ ٽنڊو باگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر ھن علائقي جو  وڏو جاگيردار ھوندي ھن علائقي جي ماڻھن ۾ علمي  شعور پکيڙڻ جي لاء پنھنجي ذاتي خرچ تي ٽنڊو باگو شھر ۾ شاندار تعليمي درسگاه قائم ڪرائي جنھن ۾ ھن ڪنھن کان به ھڪ روپيو چندو نه ورتو.

Photo Sindhyar

مير غلام محمد خان ٽالپر 1920 ۾ انگريزي اسڪول کوليو ۽ ان وقت ٽنڊو باگو ۾  تعليمي شعور نه ھجڻ سبب  شھر جي   ٻارن کي سندن مائٽن  اسڪول ۾ داخل نه ڪرايو جنھن تي  مير غلام محمد خان ٽالپر ھتان جي اديب شاعر ۽ استاد محمد صديق مسافر شيدي کي ٽنڊو باگو لڳ ڳوٺ ٿھي ۾ ان وقت  ميان محمد حسن لغاري جو مدرسو ھلندڙ ھو ان ڏانھن موڪليو ته جنھن تي ميان محمد حسن لغاري سندس مدرسي مان پنج ھوشيار شاگرد محمد صديق مسافر جي حوالي ڪيا جن کي اسڪول ۾ داخل ڪري 1جنوري 1920 ۾  اسڪول جو تدريسي عمل شروع ڪيو ويو . مير غلام محمد خان ٽالپر  شاگردن جي پھرين درجي جي انگريزي ڪتاب پنھنجي ذاتي خرچ تي گھرايا ۽ شاگرد محمد صديق مسافر جي اوطاق تي رھندا ھئا. اسڪول ھلڻ کان پوء شھر جا ۽ ٻھراڙي جا ھندو توڙي مسلمان شاگرد اسڪول ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء داخل ٿيڻ لڳا. جڏھن 15 ٻهراڙي جا شاگرد اچي گڏ ٿيا ته مير غلام محمد ٽالپر شاگردن جي مفت رھائش لاء مسواڙ تي جڳھ وٺي اتي بورڊنگ ھائوس قائم ڪيو شاگردن جي ماني ٺھرائڻ  جي لاء ھڪ بورچي ۽ بورڊنگ ھائوس جي سيڌي سامان وٺڻ لاء ملازم مقرر ڪيو اھو سمورو خرچ مير  پنھنجي کيسي مان ڪندو ھو. سال 1921 شروع ۾ اسڪول ۾ چاليھ شاگرد داخل ٿيا . سال 1922 ۾ مير غلام محمد پنھنجي ذاتي خرچ تي اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺھرائڻ شروع ڪئي جيڪا 1923 ۾ مڪمل ٿي جنھن ۾ موجوده اسڪول جي بلڊنگ جنھن ۾ شاگردن لاء ڪلاس روم، سائينس ھال، ڊرائينگ ھال، لائبريري ، ھيڊ  ماستر جي آفيس ۽ ٽيچرس روم ، گبسن بورڊنگ هائوس (شاگردن جي رھائش لاء ھاسٽل) بورچيخانو، پرديسي استادن جي رھائيش لاء ٽيچرس ھاسٽل ۽ جامع مسجد تعمير ٿي چڪا ھئا. ھن وقت ٽنڊو باگو جون اھي تاريخي حيثيت رکندڙ عمارتون حڪومت، سرڪاري ڪامورن ، چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ بي ڌياني سبب تباه ۽ برباد ٿي رھيون آھن، گبسن ھاسٽل جي عمارت مڪمل تباه ۽ برباد ٿي چڪي آھي در دريون ٽٽي ويا آھن ڇت به ڪري پئي آھي.

Photo Sindhyar

جتي ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد تعليم جي اڃ اجهائڻ لاء پنھنجا ڳوٺ ڇڏي اچي ان ھاسٽل ۾ رھندا ھئا. مير غلام  محمد خان  ٽالپر کي تعليمي ۽ ٻين سماجي خدمتن عيوض جڏھن ان وقت جي وائيسراء ھند شملا ۾ خاص دعوت ڪئي ۽ مير کي وائيسراء ھند پنھنجي مخصوص ڊائينگ ھال ۾ ماني جي دعوت ڪئي ان وقت مير کي خيال ٿيو ته جيڪڏهن وائيسراء ھند اھڙن ڊائننگ ھالن ۾ ماني کائي سگھن ٿا ته منھنجي وطن جا غريب ماڻھون به وائيسراء ھند وانگر ڊائننگ ھالن۾ ماني کائي سگھن ٿا. مير واپس اچي ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن کي ماني کارائڻ جي لاء ڪاريگر گھرائي خوبصورت ڊائيننگ ھال تعمير ڪرايو جنھن ۾ ھتان جي غريب ماڻھن جي اولاد اھڙي ھال ۾ ماني کائيندو ھو جھڙي ۾ وائيسراء ھند ماني کائيندو هو. ھن خوبصورت ڊائننگ ھال جنھن جي ڇت تي لڳل ڳاڙھي رنگ جون ٽائيلس جرمني مان گھرايون ويو ھيون ۽ اندران ڇت ۾ خوبصورت ڪاٺ جو ڪم ٿيل آھي پر افسوس جو گبسن ھاسٽل، ڊائينگ ھال ۽ بورچي خانو مڪمل تباه ٿي ويا آھن سنڌ حڪومت 2003 ۾ ھن اسڪول جي سڀن عمارتن کي نيشنل ھير ٽيج (قومي ورثي ) ۾ شامل ڪري ان کي  اصل حالت واري  طرز تي تعمير ڪرڻي ھئي پر صرف اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير ٿي آھي جڏھن ته گبسن بورڊنگ ھائوس ھاسٽل ، ڊائينگ ھال سميت ٻين تاريخي عمارتن جي ڪا به نيشنل ھير ٽيج تحت مرمت نه ٿي آھي جنھن ڪري ٽنڊي باگو شھر توڙي سنڌ جو ھي ثقافتي ورثو آخري پساه کڻي رھيو آھي. ھن اسڪول جي ڇھين کان وٺي ڏھين ڪلاس تائين ھاء اسڪول جي سيشن ۾ 1600شاگرد داخل آھن ۽ شاگردن جي وڏي انرول مينٽ جي ڪري 10 جي ايس ٽي ۽ 10 ايڇ ايس ٽي جي استادن جي ضرورت آھي ۽ ان سان گڏ ڪلاس رومن ۾ شاگردن جي ويھڻ جي لاء فرنيچر جي پڻ سخت کوٽ آھي. جڏھن ته ھن اسڪول جي ھائير سيڪنڊري سيڪشن ۾ شاگردن۽ شاگردياڻيون 750 زير تعليم آھن پر سالن کان ھن ھائير سيڪنڊري اسڪول جي سيڪشن ۾ ڪميسٽري، فزڪس،، باٽني ۽ زولاجي جا سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد مقرر نه آھن جنھن ڪري شاگردن جي پڙھائي ھر سال سخت متاثر ٿئي ٿي ان سان گڏ  ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر نه ٿيڻ سبب ڪميسٽري، فزڪس، باٽني ۽ زولاجي جا سالن کان شاگرد پريڪٽيڪل ڪرن کان محروم آھن ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگردن توڙي استادن لاء پيئڻ جي  صاف پاڻي جو بندوبست پڻ نه آھي  ۽ نه  ئي ھائير سيڪنڊري اسڪول جو پارڪ آھي ۽ ھن ھائير سيڪنڊري سيڪشن ۾ پڻ شاگردن جي ويھڻ جي لاء فرنيچر جي سخت کوٽ آھي. ھنن مسئلن ھوندي به   تعليم کاتي جا ڪامورا لاتعلق بنيل آھن اسڪول جي بلڊنگ جئين جو تئين تباه حال لڳي پئي  آھي ۽ اسڪول جا مسئلا گھٽجڻ  بدارن وڌي رھيا آھن  ۽ ھتان جي معصوم شاگردن جي تعليم تباه پئي ٿئي.

Photo Sindhyar

ھتان جي اديبن شاعرن شاگردن ء  شھرين منظور سمون، فراق هاليپوٽو، شاھد حميد، حبيب ملاح، غلام اڪبر خواجا، عرفان مھدي، رفاقت جروار، وشنو ميگھواڙ، امير معاويہ ميمڻ آمين سنڌي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ، سينيئر صحافي سيد خدا ڏنو شاه ۽ ٻين روزانه سنڌ يار  سان ڳالھائيندي چيو ته مير غلام محمد ٽالپر تمام وڏو سماجي ماڻھو جو ھن تعليم سميت ھن علائقي م انساني ڀلائي وار آ تمام گھڻا ڪم ڪيا پر افسوس جو ان عظيم انسان جي قائم ڪيل اسڪول کي حڪومت ۽  ڪامورا ترقي ڏيارڻ بجاء ان کي تباه ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته ھن اسڪول جون سڀ عمارتون تاريخي آھن جيڪي اسان جو قومي ۽ ثقافتي ورثي جي حيثيت رکن ٿيون  حڪومت کي گھرجي  ته ھن اسڪول جي سار لھي.

پهنجو تبصرو موڪليو