سويلين اختيار تان فوج پنهنجي گرفت ختم ڪري، مولانا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهڙن ٽڪساٽن سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيندو، پي ڊي ايم وٽ استعيفائن سميت کوڙ آپشن آهن، استعيفيٰ جو آپشن مناسب وقت تي استعمال ڪنداسين. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي واقعي بابت جاچ جي آجيان ڪئي آهي، جِن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، جاچ به اُنهن کان ڪرائي وڃي ٿي، اسان جي نظر جاچ رپورٽ تي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت پي ڊي ايم جي جلسن کي سيڪيورٽي نه ٿي ڏئي سگهي ته ٻڌائي، اسان پنهنجي رضاڪارن کي ميدان تي آڻينداسين، ڪوئيٽا واري جلسي ۾ به عوام جو سمنڊ اُٿلندو، اپوزيشن جي اتحاد عوام جي حقن لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪئي آهي.موجوده حڪومت معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، هن چيو ته سموري انتظامي اختيارن تي فوج قابض آهي انهن کي سويلين اختيار ڇڏڻا پوندا جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي. کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن بابت هن چيو ته اهڙا معاملا رياست لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو