سون واهه تي روڊ حادثو هڪ فوت ٽي زخمي

ڳڙهي ياسين(شفيق  مهر) ڳڙهي ياسين ڀر سان سون واھ بس اسٽاپ تي تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي هڪ ڄڻو فوت ٻه زخمي ٿي پيا. خبر موجب شڪارپور جا رهواسي حاجاڻا برادري جا ڪار سوار لاڙڪاڻي کان شڪارپور وڃي رهيا هئا ته سون واھ بس اسٽاپ وٽ تيز رفتاري سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نيجي ۾ 28 ورهين جو سهيل حاجاڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو ٻه ڄڻا ثناء الله ۽ عبدالحميد سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو جڏهن ته فوتي جو لاش شڪارپور نيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو